Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي رسالي ”سيدي قطبِ مدينه“ جو مطالعو بيحد مُفِيد رهندو، تنهنڪري اڄ هن رسالي کي هديةً طلب فرمائي ان جو مُطالَعو ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي خوش نصيبي آهي جو شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا مُريد به آهن ۽ سندن خليفه به آهن، سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فيضان حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته شيخِ طريقت اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي بَيعت ڪئي وڃي، ان سان حُضُور قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فَيضان نصيب ٿيڻ سان گڏوگڏ سلسلهٔ عاليه قادريه رضويه جي وڏن وڏن اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جو فيضان به نصيب ٿيندو، مُريد ٿيڻ ۾ نُقصان جو ڪو پهلو ئي ناهي، ٻنهي جھانن ۾ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ فائدو ئي فائدو آهي۔

کیسے آقاؤں کا بندہ ہوں رضا                     بول بالے مِری سرکاروں کے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مريدن جي اصلاح

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هميشه سنتن جي پاسداري ڪندا هئا، پاڻ به شريعت تي عمل ڪندا ها ۽ مُريدن کي به شريعتِ مُطهره تي ئي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندا ها، خاص ڪري نماز جي پابندي جي نهايت تاڪيد ڪندا ها، اڪثر فرمائيند ها ته نماز جي بغير ڪجھ ناهي، جيڪڏهن ڪو نصيحت جي لاءِ عَرض ڪندو هو ته فرمائيندا ها: پٽ! نماز پڙھندا رهو! نماز کي مضبوطي سان پڪڙي وٺو! مريدن، مُخلِصِن جي اِصلاح هر وَقت سندن پيشِ نظر هوندي هئي۔ عقائد و اعمال ۾ درستگي جي هميشه تاڪيد ڪندا ها، سندن صحبت ۾ غُرَبا ۽ فُقَرا کي ڏسي سلف