Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

قدر مهمان نواز هئا؟ ائين لڳي ٿو جيئن مهمان نوازي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي فطرت بڻجي چڪي هئي، پنهنجي گھر ۾ اچڻ واري هر شخص جي ان جي مرتبي جي مُطَابِق مهمان نوازي ڪندا ها، مهمان نوازي هڪ فضيلت وارو ڪم آهي ۽ ڪيئي انبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جي سُنَّت آهي، حضرتِ ابراهيم عَلَيه السَّلَام جي باري ۾ مَنقُول آهي ته جيستائين اوهان جي دسترخوان تي مهمان نه ايندا ها اوهان کاڌو نه کائيندا ها۔ (عجائب القرآن مع غرائب القرآن:۳۷۶) هن رِوايت مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن کي مهمان نوازي ڪيتري قدر مَحبُوب يعني پسنديده آهي، مهمان نوازي هڪ اهڙو نيڪ ڪم آهي جو جنهن ۾ گھڻي ثواب سان گڏوگڏ مَحَبَّتن جو فَروغ، پاڻ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي به آهي، ان ڪري جڏهن به مهمان اچن ته پنهنجي وُسعَت جي مطابق انهن جي خوب مهمان نوازي ڪيو ڇوته اهو هڪ اهڙو عمل آهي جو جنهن سان اسان جي دنيا سان گڏوگڏ آخِرت به بهتر ٿيندي آهي۔

مهمان نوازي جو معيار

افسوس ! ته اسان جي مُعاشري ۾ مهمان نوازي جهڙي پياري صِفَت به آخري پساهن ۾ آهي، هاڻي ان ۾ پهريان جھڙو جوش و خروش ۽ جذبو نظر نٿو اچي، اڄڪلھ ائين به ٿيندو آهي جو بعض ماڻهو مهمان نوازي ته ڪندا آهن پر ان ۾ انهن اهو معيار بڻائي رکيو آهي ته جيتري انهن جي خدمت ۽ عزت ۽ تواضُع ڪئي ويندي ايتري ئي اهي ٻين جي ڪندا آهن، ائين مهمان نوازي جهڙي عبادت کي ”جيئن پيش ايندو ائين ئي پيش اينداسين“ جي مِصداق بڻايو ويو آهي، حالانڪ هي ته هڪ عُمده عِبادت، نبين سڳورن جي سُنَّت ۽ اَجر ۽ فَضِيلت ڀريو عمل آهي۔ اهڙي طرح اڄڪلھ اهڙا ماڻهو