Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

عِشقِ احمد میں آنسو بہاؤں

 

حُبِّ دُنیا سے خُود کو بچاؤں

ایسی تَوفیق دے اِلتِجا ہے

 

یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نالو، نسب ۽ تاريخِ پيدائش

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان حُضُور قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مبارڪ زندگي جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، سندن نالو ضِياءُ الدين احمد آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خود اِرشاد فرمائيندا هئا ته منهنجو پيدائشي نالو ”احمد مختار“ آهي، منهنجي ڏاڏي حضرت شيخ قُطبُ الدين قادري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بعد ۾ منهنجو نالو ”ضِياء الدِّين“ رکي ڇڏيو هو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سومر جي ڏينهن ربيعُ الاوّل 1294ھ بَمُطابِق 1877ء بمقام ڳوٺ ڪلاس والا، ضلعو ضياء ڪوٽ (سيالڪوٽ) ۾ پيدا ٿيا۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۱۶۴، ملتقطاً)

مبارڪ حُليو

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وچولي قد جا ڪجھ بلند، گَندُمي رنگت سان بارُعب ۽ پُر ڪشش شخصيت جا مالڪ هئا، ڪتابي چهرو، ڪشاده ۽ نُوراني پيشاني جنهن جي وچ ۾ هڪ سنهي رَڳ هميشه ظاهر رهندي هئي، نڪ مُبارَڪ بلند، اکيون ڪاريون، وڏيون ۽ خُوب رَوشن، ڊگھا ۽ سنها ڀرون جيڪي پاڻ ۾ ٿورا مليل هئا، پلڪون ڊگھون ۽ گھاٽيون، رُخسار سُرخي مائل ڀريل ساڄي رُخسار تي تِر، ڏاڙھي مُبارَڪ گھاٽي، خَمدار هڪ مُٺ جي برابر، ڊگھي ڳچي، ويڪرو سينو، هٿن جون اڱريون ڊگھيون، تريون گوشت سان ڀريل ۽ بيحد نَرم هيون۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۵۶۷) مطلب ته! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه