Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه علمِ ۽ حِڪمت جا مَدَني گل عام ڪندي عاشقانِ رسول جي سُوالن جا جواب عَطا فرمائن ٿا، مَدَني مذاڪري ۾ شرڪت اسان کي گھڻن گناهن کان بچائي ڪيئي نيڪين جو حق دار بنائي سگھي ٿي۔

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدني مذاڪري ۾ شرڪت‘‘

۽ هفتيوار مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪرڻ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم به آهي۔ مَدَني مذاڪرو علمِ دين حاصِل ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، مَدَني مذاڪرو سٺيون صحبتون ماڻڻ جو بهترين ذريعو آهي، مَدَني مذاڪري ۾ شِرڪت ڪرڻ سان نيڪ اعمال اپنائڻ جو جذبو بيدار ٿيندو آهي، مَدَني مذاڪري ۾ شِرڪت ڪرڻ سان ٻانهو گناهن کان بيزار ۽ نيڪين سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو، اَلغَرَض! مَدَني مذاڪري ۾ شرڪت دِين و دُنيا جي اِصلاح جو سبب آهي، ان ڪري هفتيوار مَدَني مذاڪري ۾ شرڪت کي پنهنجو معمول بڻايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ کوڙ سارا اِسلامي ڀائر مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان پاسو ڪري سُنّتن جا پيڪر بڻجي چڪا آهن، اچو هن ضمن ۾ هڪ مَدَني بهار مُلاحظه ڪيو!

مون ويڊيو سينٽر ڇو بند ڪيو

  جيئن، مرڪز الاولياء (لاهور، پاڪستان) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابستگي کان پهريان مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ منهنجو هڪ ويڊيو سينٽر هو جتي سڄو ڏينهن ويهي مان پاڻ به فلمون ڊراما ڏسندو رهندو هئس ۽ ٻين کي فلمن جون سي، ڊيز فراهم ڪري پنهنجي آخِرت جي بربادي جو سامان ڪندو هئس۔ مون کي هڪ ڏينهن مَدَني چينل جو سلسلو ”مَدَني مذاڪرو“ ڏسڻ جو موقعو مليو۔ شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه عاشقانِ رسول جي سُوالن جا وڏي پياري