Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

جي ذريعي لکين عاشقانِ رسول علمِ دين سان مالا مال ٿي رهيا آهن، دارُالمدينه، ڪيئي دارُالافتاء اهلسنّت، المدينة العلميه، مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطاريه جنهن سان ماهوار لکين مسلمان مُستَفِيض ٿي رهيا آهن، ان جي علاوه سوين مدَني مراڪز (يعني فيضانِ مدينه) ۽ ڪثير مسجدن جي تعميرات و انتظامات، صحراء مدينه جي اندر مختلف تعميرات و انتظامات، مدارس المدينه آن لائن، اهڙي طرح سوين هفتيوار اجتماع، وڏين راتين جا اجتماع، سڄي رَمَضان جو اجتماعي اعتڪاف درجنن هنڌن تي ۽ آخري عشري جو اجتماعي اعتڪاف هزارين هنڌن تي ٿيندو آهي، جن ۾ هزارين اسلامي ڀائر اعتڪاف ڪندا آهن، غرض اهو ته منظم طريقي سان مدَني ڪمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت تقريباً 102 شعبا قائم آهن جن جي لاءِ وڏي رقم جي ضرورت هوندي آهي۔

قرباني جون کلون دعوتِ اسلامي کي ڏيو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انهن سمورن شعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين روپين جا اَخراجات ٿيندا آهن۔ جيڪي مُخَير حَضرات جي تعاوُن سان ئي پورا ٿيندا آهن، مدني ڪمن جي لاءِ ٿيندڙ انهن اَخراجات کي پورو ڪرڻ جي لاءِ بقر عيد جي موقعي تي کلون به گڏ ڪيون وينديون آهن۔ هينئر به عيد قربان بلڪل ويجھو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ڪمن جي لاءِ کلون گڏ ڪيون وينديون آهن۔ دعوتِ اسلامي جي خدمتِ دين جو اهو عظيم ڪم اوهان سڀني جي سامهون آهي، ان ڪري اوهان سان مَدَني اِلتجا آهي ته قرباني جون کلون دعوتِ اِسلامي کي ڏيو۔ يقيناً اوهان جو هن طرح جو تعاون به خدمتِ دين ئي آهي، نيز حُصولِ ثواب جي خاطِر پنهنجي گھر، رِشته دارن ۽ اَهلِ مَحله سان گڏوگڏ مُختلف عَلاقن ۾ وڃي