Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

الله تَبَارَڪ وَتَعَالٰي تي اعتماد ڪرڻ ۽ ڪمن کي ان جي حوالي ڪري ڇڏڻ، (توڪل مان) مقصد اهو (هوندو) آهي جو ٻانهي جو اعتماد تمام ڪمن ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ تي هئڻ گھرجي (ٻانهن تي نه)۔ (خزائن العرفان،ص:۱۴۱) اهو ياد رهي ته ”اسباب کي بلڪل ئي ڇڏي ڏيڻ توڪل نه آهي بلڪ توڪل هي آهي جو (اسباب کي اپنائي) ٻانهو صرف مُسَبِّبُ الاَسبَاب يعني الله عَزَّ وَجَلَّ تي ئي اعتماد ڪري۔“

(ڪيمياءِ سعادت،۲/۹۳۸، بتغير)

عاشقِ مُصطفےٰ ضِیاءُ الدّین

 

زاہد و  پارسا ضِیاءُ الدّین

کیسے بھٹکوں گا میرے ہیں میرے

 

رہبر و رہنما ضِیا ضِیاءُ الدّین

ڇا اسان توڪل ڪيون ٿا؟

توڪل جي وصف جو خُلاصو هي آهي ته اسباب کي اِختِيار ڪرڻ کان پوءِ نتيجو الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات تي ڇڏيو وڃي، اسان کي سوچڻ کپي ته ڇا اسان ائين ڪيون ٿا؟ ڇا واقعي اسان ۾ توڪل موجود آهي؟ ڇا اسان به اَسباب کي اختيار ڪرڻ کان پوءِ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات تي ڀروسو ڪندا آهيون؟ عام طور جڏهن به ڪو وڏو ۽ اَهم ڪم درپيش هجي ته سڀ کان پهريان اسان ان ڪم کي سر انجام ڏيڻ جي پلاننگ (Planing) ڪندا آهيون، پوءِ ان پلاننگ (Planing) جي هڪ هڪ نڪتي تي عمل ڪندا آهيون، هاڻي جيڪڏهن نتيجو (Result) اسان جي خواهش جي خِلاف نڪري ته ان وَقت اسان جي حالت ڪهڙي هوندي آهي؟ اسان ڪيتري قَدَر دل لاهي ڇڏيندا آهيون؟ ۽ مايوسي جي وڏن دريائن ۾ ٻڏي ويندا آهيون؟ هن جو بُنيادي سبب اهو ئي آهي جو اسان پلان (Plan) ترتيب ڏيڻ کان پوءِ ان ڳالھ کان بي خبر ٿي ويندا آهيون ته هڪ ذات اهڙي به آهي جنهن جي قُدرت اسان جي