Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

موجود آهن جن جو اهو مَعمُول هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪو انهن جي مهمان نوازي ڪري تڏهن اهي به ان جي مهمان نوازي ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪو انهن جي خيرخواهي نه ڪري سگھيو ته اهي اهڙن جي خير خواهي کان لنوائيندا آهن، اهڙا ماڻهو هن حديثِ پاڪ مان نصيحت حاصل ڪن! حَضرت مالڪ بن نفر رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه جو بيان آهي ته هڪ ڀيرو مون عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّی اللهُ تَعَالٰی عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو اِرشاد فرمايو ته مان هڪ شخص وٽ ويس، ان منهنجي مهماني نه ڪئي، هاڻي اهو مون وٽ اچي ته ان جي مهماني ڪيان يا بدلو وٺان؟اِرشاد فرمايائون: نه! بلڪ توهان ان جي مهماني ڪيو!(سنن الترمذي،ڪتابُ البِرّوالصلۃ، باب ماجاء في الإحسان والعفو،الحديث: ۲۰۱۳،۳/ ۴۰۵)

اهڙي طرح اسان وٽ مهمان نوازي ڪرڻ ۾ اهو به ڏٺو ويندو آهي ته اهي ماڻهو جِن سان اسان کي مُستَقبِل ۾ ڪو ڪم پوڻ جو اِمڪان هجي اهڙي ماڻهو جي خاص طور تي تَواضُع ۽ عزّت افزائي ڪئي ويندي آهي پر اهي ماڻهو جن سان وڌيڪ تَعلُّق ۽ واسِطو نه هجي ته اهڙي ماڻهن تي عام طور تي گھڻو ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ۽ نه ئي اُن جي تَواضُع کي وڌيڪ اَهمِيت ڏني ويندي آهي، حالانڪه مهمان نوازي ۾ سڀني سان گڏ انهن جي مرتبي جي لحاظ کان سُلوڪ ڪرڻ گھرجي ۽ هر مهمان جي تڪريم ۾ ڪا ڪمي نه ڪئي وڃي.

مهمانن جا قسم

 ياد رکو ته مهمانن جا مُختلِف قسم آهن، ان مان هر هڪ جا پنهنجا حق ۽ آداب آهن، لهٰذا انهن جو لحاظ رکيو وڃي، ڪجهه مهمان اهي هوندا آهن جيڪي ڪلاڪ ٻن ڪلاڪن جي لاءِ ايندا آهن ۽ چانھ، پاڻي پيئڻ کان پوءِ