Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

گھران نڪرندا هئا ان ڪري انهن کي اوچتو ڏسي شديد حيرت ٿي ته مون تعجُّب وچان چيو: حَضرت! هاڻي ته اوهان سان مُلاقات ٿي هئي، پوءِ هڪ دَم ڪيئن تشريف آوري ٿي؟ مولانا ضِياءُ الدين صاحب فرمايو: منهنجي دل ۾ اوچتو خيال پيدا ٿيو ته اوهان سان ملاقات ڪيان، ڇوته اوهان ئي ته طلب فرمايو آهي! ان کان پوءِ اهي خاموش ٿي ويا۔ حُضُور جِيلاني مِيان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايائون: هيڏانهن منهنجو درٻارِ مُصطَفٰي ۾ عَرض ڪرڻ ۽ هوڏانهن سيدي قُطبِ مدينه سان ملاقات ٿي وئي، هن مان مَعلُوم ٿئي ٿو ته حَضرت مَولانا ضِياءُ الدين صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مدينهءِ پاڪ جا قطب آهن، جِيلاني ميان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڌيڪ اِرشاد فرمايو: جن جي خليفي جو اهو شان هجي ته مديني شريف ۾ قطب آهن، ان جي پِيرو مُرشِد سَيدُنا اعليٰ حَضرت،عَظيمُ البَرڪت جو سرڪارِ دوعالم صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ قُرب جو ڇا مقام ۽ حال هوندو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۴۶۹)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جڏهن مريد اهڙو آهي ته پير ڪهڙو هوندو؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي جُز کي ڏسي ڪُل تي حڪم لڳايو ويندو آهي، شاگرد جي قابليت ڏسي اُستاد جي وُسعَتِ عِلمي جو پتو پوندو آهي اهڙي طرح مُريد جي مرتبي کي ڏسي پِير جو مرتبو مَعلُوم ٿيندو آهي۔ جڏهن حُضُور قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مدينه مُنوَّره زَادَها اللّٰه شَرَفًاوَّتَعْظِيماً جا قطب هجن ته ان جا پِير سرڪارِ اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مَقام ۽ مرتبو خُدا ۽ مُصطَفٰي جي بارگاھ ۾ ڪيتري قدر بُلند هوندو۔ اسان جو هي حُسنِ ظن آهي ته اعليٰ حَضرت،امامِ اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي وَقت جا تمام وڏا ولي ۽ عظيم عالمِ ربّاني هئا۔ جڏهن به اعليٰ حضرت چيو وڃي يا ٻڌو وڃي