Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

سان شديد مَحَبَّت هئي، اهي هر جُمعرات تي اعليٰ حَضرَت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان مُلاقات جي لاءِ بريلي شريف ويندا هئا ۽ انهن سان گڏ جُمُعو نماز ادا ڪري، کاڌو وغيره کائي پوءِ پيلي ڀيت واپس تشريف موٽندا هئا، حَضرتِ محدّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ سندن ٻه شاگرد به بريلي شريف حاضر ٿيندا هئا، انهن مان هڪ حَضرت سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هئا، پاڻ سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشادفرمائن ٿا: حَضرتِ علّامه وصي احمد مُحَدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُبارَڪ عادت هئي جو هر جمعرات ظهر جي نماز پڙھي، کاڌو کائي، عَصر جي ويجھو ٽرين (Train) جو وَقت ٿيندو هو جيڪا بريلي ويندي هئي ان گاڏي ۾ ويهي رهندا هئا ۽ مَغرِب کان پهريان بريلي شريف پهچي ويندا هئا، جُمُعه جي رات ۽ جُمُعه جو ڏينهن اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خِدمَت ۾ رهي، نمازِ جُمُعه کان پوءِ کاڌو کائي ۽ پوءِ پيلي ڀيت واپس موٽي ايندا هئا، اهڙي طرح ٽي (3) سالن کان وڌيڪ اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زِيارَت ٿيندي رهي۔ انهن حاضرين جي دوران سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان 1314ھ ۾ بيعت ٿي ويا ۽ 1315ھ ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ کي خِلافَت جي شرف کان به نوازيو، ان وَقت سندن عمر مُبارَڪ صرف ايڪيھ (21) سالن جي هئي۔ سرڪارِ اعلي حَضرترَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان خِلافت جو شرف ماڻڻ وارن ۾ سندن جي ذاتِ گرامي يارهين (11th) نمبر تي هئي۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۱۷۳، ملتقطاً)

بغداد جو سفر

حَضرت ضياءُ المِلّتِ والدِّين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عُلُوم ۽ فُنُون جي تڪميل کان پوءِ پنهنجي شيخ سرڪارِ اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اجازت سان پنهنجي وطن واپس موٽيا، ڪجھ عرصي تائين ضِياء ڪوٽ (سيالڪوٽ) ۾ قِيام