Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

الصالحين جي ياد تازه ٿيندي هئي، تَواضُع و اِنڪسار سندن جو مِزاج هو۔

(انوارِ قطبِ مدينه، ص:۲۴۰،ملتقطاً)

وصالِ پُرملال ۽ تدفين

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجون شفقتون ۽ مَحَبَّتون هميشه لُٽائيندا رهيا ايستائين جو 4 ذوالحجة الحرام 1401ھ بمطابق 2-10-81 جمعي جي ڏينهن مسجد النبوي الشريف عَلٰی صَاحِبِھَاالصَّلٰوۃُ وَ السَّلَام جي مؤذن ”الله اڪبر الله اڪبر“ چيو ۽ سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪلمو شريف پڙھيو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو روح قفسِ عنصري مان پرواز ڪري ويو۔ بعدِ غُسل شريف ڪفن وڇائي سرِ اقدس جي هيٺ سرڪارِ مدينه صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حجرهٔ مَقصُوره شريف جي خاڪ مُبارَڪ رکي وئي، سرڪارِ انور صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبرِ انور جو غسّاله شريف ۽ مُختلِف تبرڪات رکيا ويا۔ پوءِ ڪفن شريف بند ڪيو ويو۔ بعدِ نمازِ عصر دُرُود وسلام ۽ قصيدهٔ برده شريف جي گونج ۾ جنازو مُبارَڪ کنيو ويو۔

عاشِق کا جَنازہ ہے ذرا دُھوم سے نکلے

مَحْبُوب کی گلیوں میں ذرا گُھوم کے نکلے

 

آخرڪار بي شُمار سوڳواران جي مَوجُودگي ۾ سيدي قطبِ مدينه
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سندن آرزو جي مُطَابِق جنت البقيع جي ان حصي ۾ جتي اهلبيتِ اطهار عَلَيهمُ الرِّضْوَان  آرام فرما آهن، اتي سيدة النسا فاطمة الزهرا
رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها جي مزارِ پُر اَنوار کان صرف ٻن گزن جي فاصلي تي سپردِ خاڪ ڪيو ويو۔ (سيدي قطبِ مدينه،ص۱۷)  الله عَزَّ وَجَلَّ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم