Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ  ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل

      (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

    * نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب!  اُذکُرُالله  ,  تُوبُوا  اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ ذُوالقَعدَةِ الحَرام جي 28 تاريخ آهي، ذُوالحَجَّةِ الحَرام جو مبارڪ مهينو تشريف فرما ٿي پنهنجون برڪتون لُٽائڻ وارو آهي، هن مهيني جي 4 تاريخ تي آفتابِ رضويت، ضِياءُالملّت، شيخ الفضيلت، پيرِ طريقت، رهبرِ شريعت، مُريد و خليفهءِ اعليٰ حضرت، شيخ العرب والعجم، قُطبِ مدينه حضرت علّامه مَولانا ضياءالدين احمد مَدَني قادري رضوي