Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

ٿيندي هئي، جيڪا سندن وصال تائين جاري رهي۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱ /۴۹۵) عربن جهڙي مهمان نوازي سندن جي خاصيت هئي ۔

مهمان نوازي جي عادت

چانھ جا ٽي (3) ٿرماس پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وٽ هميشه ڀريل پيا هوندا ها، مهمانانِ مُصطَفٰي کي ان مان چانھ پيش ڪئي ويندي هئي، جيئن ئي هڪ ٿرماس خالي ٿيندو هو ته مٿي گھر ۾ موڪليو ويندو ڪجھ دير کان بعد چانھ سان ڀريل واپس موٽندو هو۔ سڄو ڏينهن اهو ئي سلسلو جاري رهندو هو، رات جو لنگر کان پوءِ سڀني جي چانھ سان مهماني ڪئي ويندي، پوءِ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٿرماسن ڏانهن اشارو ڪري فرمائيندا ها انهن ۾ ڪجھ آهي؟ جيڪڏهن ڪجھ بچيل هوندي ته عَرض ڪيو ويندو: بس هڪ ٿرماس ۾ ٿوري چانھ باقي آهي۔ فرمائيندا ها: اها به هڪ هڪ ڍُڪ پيئاري ڇڏيو پوءِ فرمائيندا ها فريج ۾ ڏسو جيڪڏهن ڪجھ هجي ته اهو به ورهائي ڇڏيو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۴۲۲) دنيا کان بي پرواهي جو عالم هي هو جو فريج ۾ اوهان جي گھر وارن جي گھر جي ضروريات جو سامان رکيل هوندو هو، ان کي به ورهائڻ جو حڪم فرمائيندا ها۔ (سيدي ضِياءُ الدِّين احمد القادري،۱/۴۲۲) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمت ۾ جيڪو به ايندو هو مرتبي جي لحاظ کان ان جي پذيرائي ڪندا ها، سندن دروازو سڀني جي لاءِ کليل هوندو هو ۽ دسترخوان سڀني جي لاءِ عام هوندو هو، اوهان وٽ جيترا پيسا به ايندا ها تمام جا تمام خَرچ ڪندا ها ڪجھ بچائي نه رکندا ها ۽ اڪثر مهمانن تي خرچ ڪندا ها۔

 (انوارِ قطبِ مدينه: ۲۴۰)

مهمان نوازي سنّتِ انبيا ء آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان!سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري