Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

فوراً ذهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڏانهن ويندو آهي، اچو! حُصُولِ برڪت جي لاءِ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو به ڪجھ تذڪرو ٻڌون ٿا،  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ولادتِ باسعادت بريلي شريف جي مَحَلّه جَسُولي ۾ 10 شَوّالُال مُڪرّم 1272 ھ ڇنڇر جي ڏينهن بوَقتِ ظُهر بمُطابِق 14جون1856ءتي ٿي. (حياتِ اعليٰ حضرت،۱/۵۸)

اعليٰ حضرت جا معمولات

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سڄي زِندگي شريعت جي پاسداري ۾ گذري ۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي شَخصِيت حقيقي طور تي سنّتن جي آئينه دار هئي۔ پاڻ
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو معمول هو جو ڪڏهن ٽهڪ نه لڳائيندا هئا* اوٻاسي اچڻ تي آڱر ڏندن ۾ دٻائي ڇڏيندا هئا ۽ ڪو آواز پيدا نه ٿيندو هو * قِبله جي طرف رُخ ڪري ڪڏهن نه ٿڪيائون * نه ئي قبله ڏانهن پير مُبارَڪ ڊگها ڪندا ها * نمازِ پنجگانه مَسجد ۾ باجَماعت اَدا ڪندا ها * فرض نماز با عِمامه پڙھندا ها * لَوھ واري قلم کان پاسو ڪندا ها *مِسواڪ ڪندا ها * ۽ مٿي مُبارَڪ تي تيل به لڳائيندا ها۔(فيضانِ اعليٰ حضرت،ص:۱۱۴)*ڪا به شيء وٺڻ ڏيڻ ۾ ساڄو هٿ ئي اِستِعمال ڪندا ها جيڪڏهن ڪڏهن وٺڻ واري پنهنجو کاٻو هٿ اڳتي وڌايو ته پاڻ فوراً هٿ مُبارَڪ روڪيندا ها ۽ فرمائيندا ها ته ساڄي هٿ ۾ وٺو ڇوته کاٻي هٿ ۾ شيطان وٺندو آهي۔(فيضانِ اعليٰ حضرت،ص۱۱۱) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مسجدن جو نهايت اَدب ڪندا ها، مسجد ۾ داخِل ٿيندي هميشه ساڄو قدم پهريان داخِل ڪندا ها، جڏهن ته ٻاهر اچڻ مهل پهريان کاٻو قدم جتي جي مٿئين حصي تي رکي پوءِ ساڄي پير ۾ جوتو پائي پوءِ کاٻي ۾ جوتو پائيندا ها (جو سُنّت جي مُطابِق عمل ٿئي)۔ هڪ ڏينهن فجر نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ خلافِ مَعمُول اعليٰ حَضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ٿوري دير ٿي وئي، نمازين جون نگاهون بار بار مبارڪ گھر ڏانهن کڄيون پئي ته عين اِنتظار