Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

توڪل جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي الله عَزَّ وَجَلَّ جي ذات تي ڪهڙو ڪامِل يقين هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪهڙي عاليشان توڪل جا مالڪ هئا۔ ٿورو سوچيو! جيڪڏهن اسان مان ڪنهن جي گھر مهمان اچڻ جو اِمڪان هجي تڏهن گھر ۾ تياري جو عالَم ڇا هوندو آهي؟ اهي آئيٽم (Item) جنهن جي استعمال ٿيڻ جو ٿورو گھڻو امڪان به هجي اهو پهريان کان ئي گھرائي رکيا ويندا آهن ته جيئن عين موقعي تي پريشاني نه ٿئي، جڏهن ته اها شيء جنهن جو اِستعِمال ۾ اچڻ يقيني هجي ان جو ته خاص طور تي اِهتِمام ڪيو ويندو آهي، پاڻي اهڙي شيء آهي جنهن جو اِستعِمال گھڻو ٿيندو آهي، ٿيڻ ته ائين گھرجي جو سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مهمانن جي لاءِ پاڻي جي بچت (Saving) تي خُوشي جو اِظهار ڪن ها ۽ شاباش ڏين ها، پر ڪنهن شيء کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ان کي مَحفُوظ (Save) ڪري رکڻ اهو بُزرگن سڳورن جي سوچ جي خلاف آهي ان ڪري حڪم ڏنائون ته اهو پاڻي ورهائي ڇڏيو!

توڪل ڇا آهي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو ته اسان جا بُزرگ سڳورا پاڻ به توڪل جا پيڪر هوندا هئا ۽ ٻين کي به ان جي تَرغِيب ڏيندا هئا، اسان کي به پنهنجي اندر توڪل جو وصف پيدا ڪرڻ گھرجي، افسوس! جو اڄ جي هن نَفسا نَفسي جي دور ۾ اسان توڪل کان گھڻو پري ٿي ويا آهيون، جڏهن ته اِسلام توڪل جي وڏي ترغيب ڏني آهي، توڪل جي معنيٰ آهي