Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

لباس هجي، مُرڪي ملڻ جو مَعمُول هجي، سلام کي عام ڪرڻ جي ڌُن هجي، کاڌو مٽي جي ٿانون ۾ دَستَرخوان تي کائون، ائين ڪرڻ سان دنيا به موچاري ٿيندي ۽ آخِرت ۾ به فائدو ملندو۔ جيڪڏهن اسان پنهنجن بُزرگن سڳورن جي زندگي جي احوالن جو مُطالَعو ڪيون ته اسان کي مَعلُوم ٿيندو انهن جا مَعمُولات سُنّتن جي عين مُطَابِق ها، حُضُور سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه به سُنّتن جا پيڪر ۽ نهايت ئي نيڪ بزرگ هئا۔

اخلاق و عادات

پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نهايت ئي پسنديده وصفن ۽ اَخلاق سان مُتَّصِف ها، هميشه يادِ خُدا ۾ مُستَغرَق رهندا ها، شب بيدار ۽ تهجُّد گُذار بُزرگ هئا، اِشراق، چاشت ۽ اوّابين جون نمازون ادا ڪرڻ سندن مَعمُول هو، ڪمزوري ۽ پوڙهائپ جي باوجود ايامِ بيض جا روزا تَرڪ نه ڪندا ها۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۴۸۶،بتغير) اسان کي به فرض نمازن سان گڏ انهن نفلن کي اَدا ڪرڻ ۽ نفلي روزا رکڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ مَنقُول آهي ته اوهان کي اٿڻ ويهڻ ۾ وڏي تڪليف ٿيندي هئي، پر پوءِ به وضو جي لاءِ وڃڻ وَقت ڪنهن جو سهارو نه وٺندا ها، دشواري جي باجود پاڻ ئي بيهندا ها (۽ وضو ڪندا ها)۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۴۸۶) سادگي سندن جو شِعار هئي، سُنّتِ رسول جي اِتّباع ۾ پاڻ به ٻڪريون پاليون هيون، انهن جي کير سان مهمانانِ رسول جي ضِيافت ڪندا ها، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو گھر حاجين ۽ زائرين جو ٺڪاڻو هو۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري،۱/۴۸۸) عرب شريف ۾ اوهان نهايت مَشهور ها، عَرب وعَجَم ۾ اوهان جا مُريد ۽ خليفا پکڙيل آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گفتگو نهايت گھٽ ڪندا ها۔ (سيدي ضياء الدين احمد القادري، ص:۴۸۹، بتغير) اوهان وٽ هر ڏينهن عِشا جي نماز کان پوءِ مُستَقِل محفلِ مِيلاد مُنعَقِد