Book Name:Tazirah e Sayyidi Qutb e Madina Ma Zulhijjah Kay Fazail

سان گڏوگڏ مرڪز الاولياء (لاهور)، هند ۽ بغداد شريف جو پڻ سفر ڪيو، پوءِ جڏهن مديني شريف حاضِر ٿيا اتي به مَوقعي مان فائدو وٺندي عِلمِ دِين جي طلب ۾ مشغول ٿي ويا ۽ پنهنجي وَقت جي ڪيئي مشهور عالمن کان عِلمِ دِين جا جام ڀري ڪري پيتائون۔ يقيناً اهو الله عَزَّ وَجَلَّ جو ڪرم ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عَطا ۽ عِلمِ دِين جو فَيضان ئي هو جو سيالڪوٽ جي هڪ غير معروف علائقي ۾ پيدا ٿيڻ جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي جھان ۾ قُطبِ مدينه جي حَيثيت سان مشهور ۽ معروف ٿي ويا۔ اسان کي به عِلمِ دِين جي طلب جو شَوق پيدا ڪرڻ گھرجي ڇوته عِلمِ دِين ئي دُنيا و آخِرت جي ڪاميابين جو سبب آهي۔ عِلمِ دِين تمام فضيلتن جو جامع آهي ۽ پنهنجي طلب ڪرڻ واري کي تمام گھڻين خُوبين ۽ ڪثير ڀلائين جو پيڪر بڻائيندو آهي، عِلمِ دِين انبيا عَلَيهمُ السَّلَام جي مِيراث آهي، عِلمِ دِين قُربتِ الٰهي ماڻڻ جي راھ آهي، عِلمِ دِين خَوفِ خُدا بيدار ڪرڻ جو نسخو آهي، عِلمِ دِين هدايت جو سرچشمو آهي، عِلمِ دِين گناهن کان بچڻ جو سبب آهي، عِلمِ دِين خَشِيتِ الٰهي بيدار ڪرڻ جو ذريعو آهي، عِلمِ دِين مُڙده دلين جي حيات آهي، عِلمِ دِين خَلقِ خُدا جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جو سبب آهي، اَلغَرَض! عِلمِ دِين بي شُمار خوبين جو مَجمُوعو آهي، هڪ سچي مُسَلمان کي ان جي طلب جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، اَحاديثِ طيبه ۾ ڪيئي هنڌن تي عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جا فَضائل بيان ٿيا آهن۔ اچو! هن بابت (2) احاديثِ طيبه ٻڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيون ٿا:

1.          جيڪو عِلمِ دِين حاصِل ڪندو الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي مُشڪلاتن کي آسان فرمائي ڇڏيندو ۽ ان کي اتان کان رِزق عَطا فرمائيندو جتان ان جو گمان به نه هوندو۔ (جامع بيانِ العم و فضله، باب جامع في فضل العلم، الحديث: ۱۹۸،ص ۶۶)