Book Name:Dil ki Sakhti

1.     سخت ڪندو آهي، حضرتِ سَيدُنا بِشر بن حارث رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اهي عادتون جيڪي دل کي سخت ڪنديون آهن انهن مان هڪ ڪثرتِ طعام (وڌيڪ کائڻ) به آهي۔ (حليۃ الاوليا،بشر بن حارث، ۸/۳۹۲،ملتقطاً) حضرتِ سَيدُنا معروف ڪرخي رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: وڌيڪ کائڻ دل جي سختي جو سبب آهي۔ (حڪايتون ۽ نصيحتون ،ص:350)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته دل جي سختي جو هڪ  سبب دنيا جي مَحَبَّت آهي ۽ فرمانِ مصطفي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مطابق دنيا سان مَحَبَّت هر بيماري جي جڙ آهي۔ دل جي سختي جو ٻيو سبب  اسان ٻڌو ته فضول ڳالهيون ڪرڻ سان به دل سخت ٿيندي آهي۔ افسوس اسان جي اڪثريت هر وقت فُضُول گوئي ايستائين جو فحش گوئي کان به پاسو نٿي ڪري، فرمانِ مصطفيصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: فُحش گوئي سخت دِلي مان آهي ۽ سخت دِلي باھ ۾ آهي۔ (ترمذي، ڪتاب البروالصله، باب ماجاء في الحياء، ۳/۴۰۶، حديث: ۲۰۱۶) دل جي سختي جو هڪ سبب وڌيڪ کلڻ به آهي اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فاروق رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته ”جيڪو شخص وڌيڪ کلندو آهي، ان جو دٻدٻو ۽ رُعب ختم ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو (ڪثرت سان) مزاح ڪندو آهي اهو ٻين جي نظرن مان ڪري ويندو آهي. (احياء العلوم ،ج۳،ص۱۳۷) الله
عَزَّوَجَلَّ  جي ذِڪر کان غفلت ۽ گناهن جي ڪثرت کان علاوه پيٽ ڀري کائڻ به دل جي سختي جو سبب آهي جڏهن ته کائڻ جي عظيم سُنّت اها آهي جو جڏهن بک لڳل هجي ته کاڌو کائجي نه ته بنا بک جي کائڻ سان طاقت ته ڇا ايندي بلڪ صحت خراب ۽ دل به سخت ٿي ويندي۔

اِلٰہی میں عمدہ غذائیں نہ کھاؤں