Book Name:Dil ki Sakhti

1.   علاوه گفتگو جي ڪثرت نه ڪندا ڪيو! ڇوته ڪثرت سان ڳالهيون ڪرڻ دل جي سختي جو سبب آهي ۽ بيشڪ ماڻهن مان الله عَزَّوَجَلَّ کان وڌيڪ پري اهو شخص آهي جنهن جي دل سخت هجي۔ (ترمذي،ڪتاب الزهد ، باب ماجاء في حفظ اللسان،۴ /۱۸۴، حديث:۲۴۱۹)

2.         دل جي سختي جو هڪ سبب ڪثرت سان کلڻ به آهي، رسولِ نذير، سِراجِ مُنيرصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ نصيحت نشان آهي: وڌيڪ نه کلو!ڇوته وڌيڪ کلڻ دِل کي مُرده (يعني سخت) ڪندو آهي۔ (ابنِ ماجه،ڪتاب الزھد ،باب الحزن والبڪاء،ج  ۴،ص۴۶۵،حديث  ۴۱۹۳) ۽ وڌيڪ کلڻ جو   نقصان ٻڌائيندي نبي ڪريم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: وڌيڪ کلڻ کان بچندا رهو ڇوته کلڻ چهري جي نور کي ختم ڪندو آهي۔  (التر غيب والتر ھيب ، ڪتاب الادب ، باب في الصمت الاعن خير ، رقم ۲۷ ، ج ۳ ص ۳۴۰، ملتقطاً)

3.      دل جي سختي جو چوٿون سبب الله عَزَّوَجَلَّ جي ياد کان غافل ٿيڻ آهي، ڇوته ڪنهن به دل جون چار(4) حالتون هونديون آهن: (1) بلندي (2) ڪشادگي (3) پَستي (4) سختي، ته هاڻي دل جي بلندي ذِڪرُالله عَزَّوَجَلَّ ۾آهي ،ان جي ڪشادَگي رِضاءِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، ان جي پستي غير الله عَزَّوَجَلَّ ۾ مَشغُول ٿيڻ ۾ ۽ ان جي سختي يادِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ کان غافل ٿيڻ ۾ آهي۔ (شاهراه اولياء ۔صفحه ۱۰)

دل جي سختي جو هڪ سبب پيٽ ڀري کائڻ پڻ آهي، جي ها! پيٽ ڀري کائڻ سان جتي عبادت ۾ سُستي ۽ صحت خراب ٿيندي آهي اتي ان جو هڪ نقصان اهو به آهي جو پيٽ ڀري کائڻ دل کي