Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

پنهنجي ’’اَمين‘‘ هئڻ جو عملي ثُبوت پيش ڪري اهو به ٻڌايو ته ماڻهن جي مال جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي خيانت نه ڪرڻ هر مسلمان بالخُصُوص هڪ سٺي واپاري جي ذِمّيداري آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ سڀ کان پاڪيزه ڪمائي انهن واپارين جي آهي جيڪي ڳالھ ڪن ته ڪوڙ نه ڳالهائن، جڏهن انهن وٽ امانت رکي وڃي ته ان ۾ خيانت نه ڪن، جڏهن وعدو ڪن ته ان جي خلاف وَرزِي نه ڪن۔([1]) ياد رکو! اَمانت ۾ خيانت حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي ۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي امانت ۾ خيانت کان بچڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي، جيئن سيپاري 9 سُوْرَة ُالْاَنْفَال جي آيت نمبر27 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَخُوۡنُوا اللّٰہَ                  وَ الرَّسُوۡلَ وَ تَخُوۡنُوۡۤا اَمٰنٰتِکُمۡ وَ اَنۡتُمۡ تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۲۷﴾

 

 

تَرْجَمو ڪنز الايمان: اي اِيمان وارو! الله ۽ رسُول سان دغا نه ڪريو ۽ نه پنهنجن امانتن ۾ خيانت ڄاڻي واڻي ڪريو.

۽ سيپاري 5 سورة النساء جي آيت نمبر 58 ۾ امانتن کي موٽائڻ جو حڪم فرمائيندي ارشاد فرمايو:

اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُکُمۡ اَنۡ تُؤَدُّوا الۡاَمٰنٰتِ اِلٰۤی اَہۡلِہَا ۙ

 

تَرْجَمو ڪنز الايمان:  بيشڪ الله توهان کي حُڪم ڏئي ٿو ته امانتُون جن جُون آهِن اُنهن جي حوالي ڪريو.

          حديثِ پاڪ ۾ ڪامل مومن جي اها صِفَت بيان ڪئي وئي آهي ته مومن هر عادت اپنائي سگھي ٿو پر ڪوڙو ۽ خيانت ڪرڻ وارو نٿو ٿي



[1]شعب الایمان ، باب حفظ اللسان،۴/۲۲۱،حدیث: ۴۸۵۴