Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سکڻ جا ڪيئي آسان ذريعا پيدا ڪيا آهن، اسان کي به گھرجي ته هفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪيون۔ رمضان جو مهينو پنهنجون برڪتون لٽائي رهيو آهي، کوڙ سارا اسلامي ڀائر سڄي رمضان جي اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن، اي ڪاش! اسان به انهن عاشقانِ رمضان جي صحبت ۾ علمِ دين سکڻ جي سعادت حاصل ڪيون، نه ته گھٽ مان گھٽ آخري عشري جي اعتڪاف جي ذريعي علمِ دين سکڻ جي ڪوشش ته لازمي ڪيون، هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر کي معمول بڻايون بلڪ چنڊ رات يعني عيد جي رات کان هٿو هٿ سفر ڪرڻ وارن مدني قافلن ۾ به سفر، 63 ڏينهن جي مدني تربيتي ڪورس،41 ڏينهن جي مدني انعامات و مدني قافله ڪورس يا 12 ڏينهن جو مدني ڪورس ڪري مختلف وقتن ۾ پڙھيون ويندڙ دعائون، وضو، غسل ۽ نماز جا ضروري مسائل سکڻ جي سعادت حاصل ڪيون۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا هڪ عظيم خاتون هئي جيڪا هر لحاظ سان ڪامل ۽ اڪمل هئي، يعني نَسب جي لحاظ کان، شَرافت جي لحاظ کان، اَخلاق جي لحاظ کان، ڪردار جي لحاظ کان، مال ودولت ۽ ماڻهن سان خَير خواهي ۾ هوءَ پنهنجي دَؤر جي عظيم شخصيت هئي، سندن کي امامُ الانبياء حضرت محمدِ مصطفيٰ      صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نڪاح ۾ اچڻ جو شرف به حاصل ٿيو اچو! هاڻي حضرت سَيدتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نڪاح جو واقِعو ٻڌون ٿا جيئن