Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ڪنديون آهن۔ ته عرض ڪيو ويو: اَیَکْفُرْنَ بِاﷲ؟ ڇا الله عَزَّوَجَلَّ کان ڪفر (ناشڪري) ڪنديون آهن؟ ارشاد فرمايائون: یَکْفُرْنَ ا لْعَشِیْرَ وَیَکْفُرْنَ الْاِحْسَان يعني مڙس جي ناشڪري ڪنديون آهن ۽ احسان نٿيون مڃن، لَوْ اَحْسَنْتَ اِلیٰ اِحْدٰھُنَّ الدَّھْرَ يعني جيڪڏهن توهان ان مان ڪنهن سان سڄي عمر احسان ڪيو ثُمَّ رَأَتْ مِنْکَ شَیْئاً يعني پوءِ ٿوري ڳالھ به خلافِ مزاج توهان مان ڏسنديون ته چوي، مَارأیتُ مِنْک خَیْراًقَطُّ مون ڪڏهن به توهان مان ڪا ڀلائي نه ڏٺي۔ (صحيح البخاري ، ڪتاب الايمان ، باب ڪفران العشير ۔۔۔الخ، رقم ۲۹،ج۱،ص۲۳)

ان ڪري اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجي گھر وارن کي صبر وشڪر جون فضيلتون ٻڌايون، هڪ ٻئي جا حق چڱي نموني نڀائيون ۽ پاڻ ۾ ٿيندڙ رنجشن کي چڱي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون۔ ياد رهي! زال مڙس جي وچ ۾ باهمي مَحَبَّت والفت جو اهو خُوبصورت رشتو چڱي طريقي سان ان وقت هلي سگھي ٿو جڏهن زال مڙس هڪ ٻئي جي حقن کي چڱي طرح سان ادا ڪن۔ يقيناً زال مڙس ٻنهي کي هڪ ٻئي جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ان ڪري ٻنهي کي گھرجي ته اهي پنهنجي پنهنجي حقن کي نرمي سان ادا ڪندا رهن ته ان طرح سان اسان جو گھر امن وسڪون وارو بڻجي سگھي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سيدتنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي سخاوت!

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدَتُناخديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي هڪ نهايت اعليٰ صفت اها به هئي ته پاڻ کلي هٿ ۽ فَراخ دل جي مالڪ هيون ۽ دل کولي سخاوت ڪنديون هيون۔ جيئن