Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

هن روايت مان لڳايو جيئن حضرتِ سَيدُنا ابُوهرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته (هڪ ڀيري) حضرتِ سيدناجبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام رسولِ اڪرم، نُورِ مجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ اَقْدس ۾ حاضِر ٿي عَرْض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي خديجه اچي رهيون آهن، انهن وٽ ٿانوَ آهي جنهن ۾ کاڌو آهي۔ جڏهن اهي اوهان وٽ پهچن ته انهن کي انهن جي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جو ۽ منهنجو سلام چئو ۽ جنت ۾ خول دار (اندر کان خالي) موتي سان بڻيل گھر جي بشارت ڏيو جنهن ۾ نه شور آهي نه ڪا تڪليف۔ ([1])

سلام جو جواب

حضرتِ سَيدَتُنَاخديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سلام جو جواب ڏيندي چيائون: اِنَّ اللہَ ھُوَ السَّلَامُ وَعَلٰی جِبْرِیْلَ السَّلَامُ وَعَلَیْکَ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہُ يعني الله عَزَّوَجَلَّ سَلَام آهي ۽ حضرتِ جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي سلامتي،الله عَزَّوَجَلَّ جون رحمتون ۽ برڪتون نازل ٿين۔“([2])

مادَرِ اَوّلیں اہلِ ایمان کی

ہے یہ اس کی بُزرگی و پاکیزگی

بَرگُزیدہ ہے رَبِّ مُحَمَّد کی بھی

عرش سے جس پہ تسلیم نازِل ہوئی

اُس سرائے سلامت پہ لاکھوں سلام

اُس کا جبریل ملحوظ رکھے ادب

جنتی گوہریں گھر اُسے بخشے رَبّ

 



[1]...صحیح البخاری، کتاب مناقب الانصار، باب تزویج النبی صلی الله عليه وسلم،٢/٥٦٥، الحديث:٣٨٢٠، ملتقطاً.

[2]...السنن الكبرى للنسائى، كتاب المناقب، مناقب خديجة...الخ،٥/٩٤،الحديث:٨٣٥٩