Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمُّ الْمُؤمنين حضرت سيدَتُناخَديجَه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو وڌيڪ ذِڪرِ خير ٻڌون ٿا، پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي پاڪيزه صفتن ۽ خُصُوصيتن مان اهو به آهي ته پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا عورتن ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو پاڻ  رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سڀ کان پهرين گھرواري ٿيڻ جو شَرف حاصل آهي، الله رَبُّ العزّت پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي جبريلِ اَمين عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ذريعي سلام موڪليو، پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا حبيبِ ڪبْرِيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صحبتِ بابَرڪت ۾ ڪم وبيش 25 سال رهڻ جي سَعادت حاصل ڪئي، پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا شِعْبِ ابي طالِب ۾ رَسُوْلُ الله        صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ محصور (قيد) رهي رفاقت ۽ مَحَبَّت جومِثالي نمونو پيش ڪيو، اوهان رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پنهنجي سڄي دولت حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن ۾ رکي ڇڏي سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي قبر ۾ هاديءَ بَرحَق صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لٿا ۽ پنهنجي مبارڪ هٿن سان سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي قبر ۾ لاٿو، تاريخ ۾ اوهان  رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا   کي طاهره ۽ صِدِّيقه جهڙن عظيمُ الشّان لقبن سان ياد ڪيو ويندو آهي ۔ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا رحمت عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نهايت ئي محبوب زوجَهء مُطَهّره هيون، اوهان جي حَيات ۾ رَسُوْلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن ٻيءَ سان نِڪاح نه فرمايو ۽ اوهان کي جنَّت ۾ شور وغُل کان پاڪ محل جي بشارت ٻڌائي وئي آهي۔ (فيضان امھات المومنين،ص۲۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته الله عَزَّوَجَلَّ اُمُّ الْمُومنين حضرتِ سيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي ڪهڙين ڪهڙين عظيم خُصُوصيتن سان نوازيو هو، اچو! هاڻي حضرتِ سيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو مختصر تَعارُف ۽ ان کان پوءِ سندن جا ڪجھ وڌيڪ فضائل ومَناقِب به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، جيئن