Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

۽ بِلاوجه جھيڙي جھٽي ۽ شڪوو شڪايت ڪرڻ بدران هميشه صبر ۽ شڪر سان ڪم وٺڻ گھرجي بلڪ نيڪ سيرت ۽ مثالي گهرواريءَ جي خُوبي ته اها آهي ته اها هميشه پنهنجي مڙس جي نعمتن جي شڪر گُذار رهندي آهي ۽ ڪڏهن به ان جي اِحسانن جو اِنڪار ڪري ناشڪري ناهي ٿيندي، اها چڱي طرح ڄاڻي ٿي ته مڙس منهنجي لاءِ هڪ مضبوط سهارو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نعمت آهي، اهو ئي منهنجي ضرورتن کي پُورو ڪندو آهي ۽ ان جي ڪري ئي مون کي اَولاد جي نعمت ملي آهي۔

 رحمتِ عالَم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عورتن کي پنهنجي مڙسن جي ناشڪري کان بچڻ جي گھڻي تاڪيد فرمائي آهي۔ جيئن حضرت اَسماء بِنتِ يزيد رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون ته هڪ ڀيري سرڪارِ عالم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان عورتن وٽان گذريا ته اسان کي سلام ڪيو ۽ فرمايائون: احسان ڪرڻ واري جي ناشڪري کان بچجو، اسان عرض ڪيو ته احسان ڪرڻ واري جي ناشڪري مان ڇا مُراد آهي؟ فرمايائون: ممڪن آهي ته توهان مان ڪا عورت ڊگھي عرصي تائين بنا مڙس جي پنهنجي والدين وٽ ويٺل رهي ها ۽ پوڙھي ٿي وڃي ها پر الله عَزَّوَجَلَّ ان کي مڙس عطا ڪيو ۽ ان جي ذريعي مال ۽ اولاد جي نعمت سان نوازيو، ان جي باوجود جڏهن هو غصي ۾ ايندي آهي ته چوندي آهي: مون ان ۾ ڪڏهن به ڀلائي ڏٺي ئي ناهي۔

 (مسند امام احمد، مسند القبائل، حديث اسماء ابنة يزيد، ۱۰/۴۳۳، حديث: ۲۷۶۳۲)

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بد قسمتي سان اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورتون ناشڪري جي بَلا ۾ گرفتار نظر اچن ٿيون ٿورو ڪنهن اعليٰ گھراڻي کي يا ڪنهن عورت جي قيمتي ڪپڙن ۽ قيمتي زيورات کي ڏسي ورتو ته ناشڪري ڪرڻ لڳنديون آهن۔ جيئن ته حضورِ اقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته مون جهنم ۾ وڌيڪ تعداد عورتن جو ڏٺو ته اهي ناشڪري