Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

آهي۔ اميراهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه شادي وهانء جي تقريبن ۾ ٿيڻ وارن گُناهن جي نشاندهي ڪندي پنهنجي رسالي’’گانن باجن جو تباھ ڪاريون‘‘ ۾ لکن ٿا:

 افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اڄڪلهه شاديءَ جهڙي مٺي مٺي سنّت تمام گهڻن گناهن ۾ گهيرجي وئي آهي، بيهوده رسمون ان جو جُزوِ لايَنۡفَڪ (يعني ڪڏهن جدا نه ٿيڻ وارو حصو) بڻجي چڪيون آهن، معاذالله4 حالتون ايتريون ته خراب ٿي چڪيون آهن جو جيستائين تمام گهڻا حرام ڪم نه ڪيا وڃن ان وقت تائين هاڻي شادي جي سنّت ادا ٿي ئي نه ٿي سگهي. مثلاً مڱڻي جي رسم کي ئي وٺو! ان ۾ ڇوڪرو پنهنجي هٿ سان ڇوڪريءَ کي منڊي پارائـيندو آهي حالانڪ هي حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. شاديءَ ۾ مرد پنهنجا هٿ ميندي سان رنگيندو آهي اهو به حرام آهي، مردن ۽ عورتن جون گڏيل دعوتون ڪيون وينديون آهن، يا ڪٿي نالي جو وچ ۾ پردو هنيو ويندو آهي پر پوءِ به عورتن ۾ غير مرد گهڙي ڪري کاڌو ورهائيندا آهن ۽ خوب وڊيو فلمون ڀريندا آهن.  آهه! شادين ۾ خوب فيشن پرستي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، خاندان جون جوان ڇوڪريون خوب نچنديون، ڳائينديون ۽ هل هنگاما ڪنديون آهن. ان دوران مرد به بغير تڪلّف جي اندر ايندا ويندا آهن، مرد ۽ عورتون دل کولي بدنگاهي ڪندا آهن، نه خوفِ خدا ۽ نه شرمِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم. ياد رکو! غير مرد غير عورت کي ڏسي يا غير عورت غير مرد کي شهوت سان ڏسي اهو حرام ۽ ٻنهي جي لاءِ هي جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم آهن، ان ڪري اسان کي به گھرجي ته انهن غلط رسمون ۽ رواج کي ڇڏي سُنَّت جي مُطابق سادگي سان شادي کي خانه آبادي جو ذريعو بڻايون جو هن ۾ ڀلائي به آهي ۽ برڪت به جيئن ته