Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

وِلادت ، نالو نسب،ڪنيت ۽ لقب

اوهان جو نالو خديجه، والِد جو نالو خُوَيلِد ۽ والِده جو نالو فاطمه آهي۔ نسب جي حوالي سان پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي اها فضيلت حاصل آهي ته ٻين اَزْواجِ مُطهرات رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُنَّ جي مقابلي ۾ سڀ کان گھٽ واسِطن ۾ سندن نَسَب رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَسب شريف سان ملي ويندو آهي۔ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي ڪنْيت اُمُّ الْقَاسِم([1]) ۽ اُمِّ ھِند آهي۔([2]) ۽ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جا لقب گھڻا آهن جن مان ڪجھ ٻڌون ٿا جيئن سڀ کان مَشهور لقب ”اَلْڪُبْريٰ“ آهي، اهو سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي نالي سان ايتري قدر گھڻو چيو ويندو آهي جو ڄڻ نالي ئي جو حصو معلوم ٿيندو آهي۔ هڪ ٻيو مشهور لقب ”طاھِره“ آهي جو زمانه جاهليت ۾ به پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي طاهره چئي پڪاريو ويندو هو ۽ اوهان کي ”سَيدَةُ قُرَيش“ به چيو ويندو آهي۔ ([3])اهڙي طرح ”صِدِّيقه“به سندن لقب آهي۔ روايت ۾ آهي ته پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشادفرمايو:”ھٰذِه صِدِّيقَةُ اُمَّتِي يعني هي منهنجي اُمَّت جي صِدِّيقه آهن۔“  (تاريخ دمشق، تاريخ دمشق، حرف الميم،٩-مريم بنت عمران، ٧)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

الله عَزَّوَجَلَّ جو سلام

    اُمُّ المُومنين حضرتِ سَيدَتُناخديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو شان ۽ الله عَزَّوَجَلَّ وٽ سندن مقام ۽ مرتبو ڪيتري قدر اَرْفع ۽ اعليٰ آهي ان جو اندازو



[1]...سیر اعلام النبلاء، ١٦-خدیجة ام المؤمنین،٢/١٠٩.

[2]...معرفة الصحابة للاصبهانى، ذكر الصحابيات...الخ، ٣٧٤٦-خديجة...الخ،٥/١٤٤

[3]...السيرة الحلبية، باب تزوجه صلى الله عليه وسلم خديجة...الخ، ١/١٩٩.