Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

هڪ ڀيري نبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُمُّ المومنين حضرت سَيدَتُنا عائشه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي فرمايائون: الله عَزَّوَجَلَّ جو قسم! خديجه کان بهتر مون کي ڪا گھرواري نه ملي، جڏهن سڀني ماڻهن منهنجو جو انڪار ڪيو ان وقت ان مون تي ايمان آندو ۽ جڏهن سڀ ماڻهو مون کي ڪوڙو چئي رهيا هئا ان وَقْت اُنهن منهنجي تصديق ڪئي ۽ جنهن وَقْت ڪو شخص مون کي ڪا شيء ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هو، ان وَقْت خديجه مون کي پنهنجو سمورو مال ڏئي ڇڏيو ۽ ان مان الله تعاليٰ مون کي اَولاد عطا فرمايو۔ (الاستيعاب،باب النساء:۳۳۴۷،خديجة بنت خويلد،ج۴، ص۳۸۴)

حضرتِ حليمه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي تحفو

اهڙي طرح هڪ ڀيري رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضاعي والِده حضرتِ حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا مڪي شريف ۾ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاه اَقْدس ۾ حاضر ٿي، ڏُڪار ۽ چوپايو مال مرڻ جي شڪايت ڪئي۔ اُن وَقْت سرڪارِ عالي وقار، محبوبِ ربِّ غفّار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سان شادي ٿي چڪي هئي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن سلسلي ۾ حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سان ڳالھ ڪئي ته انهن حضرتِ حليمه سعديه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي 40 ٻڪريون ۽ هڪ اُٺ تحفي طور پيش ڪيو۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وڏي فَراخ دل ۽ ڪثرت سان سَخاوت ڪنديون هيون۔ اسان کي به پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي سيرت تي عمل ڪندي خُوب دل کولي صَدَقه وخَيرات ڪرڻ جي عادت بڻائڻ گھرجي۔ اسان جي پياري دِينِ اسلام اسان کي مُسلمانن جي خَيرخَواهي، حُسنِ سُلُوڪ ۽ غريبن جي مدد، يتيمن جي ڪفالت ڪرڻ جو دَرۡس ڏنو آهي، ۽ هر سال صاحبِ نصاب اَفْراد تي ڪن شرطن جي موجودگي جي



[1]...الطبقات الكبرىٰ، ذكر من ارضع رسول الله صلى الله عليه وسلم...الخ، ١/٩٢.