Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مِشْڪاة الْمَصابِيح ،ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت)

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي "163 مَدَني گل " مان مِسْواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿا۔

   * حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، ماهرن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو، نيڪي وڌائيندو ۽ معدي کي درست ڪندو آهي ـ (جمع الجوامع للسيوطي ج 5 ص 249 حديث 14867) * مسواڪ پيلو (کٻر) يا زيتون يا نم وغيره جي ڪَوڙي ڪاٺي هجي * مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي * ڏندڻ هڪ گرانٺ کان ڊگهو نه هجي نه ته ان تي شيطان ويهندو آهي * ان جا تاندورا نرم هجن جو سخت تاندورا ڏندن ۽ مهارن جي وچ ۾ وٿي (Gap) جو سبب بڻجندا آهن * مسواڪ تازو هجي ته سٺو نه ته ڪجھ دير پاڻي جي گلاس ۾ پسائي نرم ڪري