Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ڄڃ جو کاڌو

نِڪاح کان پوء حضرتِ سيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا حُضُورِاقدس          صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عَرْض ڪيو: پنهنجي چاچن کي چئو ته هڪ اُٺ ذَبْح ڪري ماڻهن کي کاڌو کارائن۔ پوءِ ماڻهن کي کاڌو کارائڻ کان پوءِ رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تشريف کڻي آيا ۽ حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان سان الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين کي ٿڌاڻ عطا فرمائي۔ پاڻ جي شفيق چاچي ابوطالِب هن شادي تي وڏي خوشي جو اِظهارڪيو ۽ چيائون: اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْ اَذْھَبَ عَنَّا الْکَرْبَ وَ رَفَعَ عَنَّا الْھُمُوْمَ سڀ خوبيون ان ذات جي لاءِ جنهن اسان کان مصيبتون پري ڪيون ۽ اسان کان غم ختم ڪيا۔“([1])اهڙي طرح شادي جي اها پُرسعيد تقريب پنهنجي اِخْتتام تي پهتي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

شادين ۾ ٿيڻ واريون بيهوده رسمون

پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت جي دعويٰ ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول! غور ڪيو ته ٻنهي جھانن جي تاجور، محبوبِ ربِّ داور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ نڪاح جي اها عظيمُ الشَّان تقريب ڪيتري قدر سادَگي سان بحسن وخُوبي انجام پذير ٿي۔ پر افسوس! اڄڪل اسان جي مُعاشري ۾ مڱڻي ۽ شادي جي موقعي تي +ڪجھ ناجائز ۽ بيهوده رسمون ايتري قدر عام ٿي ويون آهن جو انهن کانسواءِ تقريبن کي ڄڻ اڌورو سمجھيو ويندو



[1]...شرح الزرقانى على المواهب، المقصد الاول، باب تزوجه صلى الله عليه وسلم خديجة، ١/٣٧۹