Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

دعوتِ اسلامي جي شعبن جو مُختصر تعارُف

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهي ماڻهو وڏا خوش نصيب آهن جيڪي پنهنجي مال جا حُقُوقِ واجبه اَدا ڪندا آهن يعني خُوش دِلي سان بَر وَقْت زڪوٰة ۽ فطرو اَدا ڪندا آهن، پنهنجي مال ماءُ پيءُ ڀيڻ ڀاءُ ۽ اَولاد تي خرچ ڪندا آهن، پنهنجي عزيز مٽ مائٽن ۾ غريب ۽ يتيم افراد جي ڪفالت ڪندا آهن، مسجدن ۽ مدرسن ۽ نيڪي جي ٻين ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺندا آهن۔ نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو هي به آهي ته اسان دين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو پيسو خرچ ڪيون ته جيئن اسان جي لاءِ صدقه جاريه ٿي وڃي۔ اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ  دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ واري غير سياسي مسجد ڀرو تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد هرمسلمان کي اهو مدني ذِهن ڏيڻ آهي ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ۔اَ لْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ  دعوتِ اسلامي سنتن جي تربيت ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ تقريباً 103 شعبن ۾ مَدَني ڪم ڪري رهي آهي۔ انهن سڀني شعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين نه بلڪ اربن روپين جي اَخراجات جي ضرورت هوندي آهي۔ مُلڪ ۽ ٻاهرين مُلڪ دعوتِ اسلامي جي تحت 452 جامعاتُ المدينه (للبنين وللبنات) قائم آهن جن ۾ ڪم و بيش، ٽيھ هزار ٽي سو چونجھاھ (30354)،طلبه و طالبات درسِ نظامي ڪري رهيون آهن، ۽ ٻه هزار چار سو پنجھتر(2475) مدرسة المدينه(للبنين وللبنات) به قائم آهن جن ۾ ڪم وبيش هڪ لک تيرهن هزار هڪ سو