Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

صُورت ۾ زڪوٰة کي فرض فرمايو، نَفْلي صَدقات جا فَضائل بيان ڪري ماڻهن کي سخاوت جو درس ڏنو ۽ بخل جي مَذمَّت بيان ڪئي آهي، تنهنڪري زڪوٰة جهڙي اَهم فريضي جي اَدائيگي ۾ سُستي وتنگ دِلي کان ڪم وٺڻ بدران خالصةً رِضاءِ الٰهي جي خاطر ان جي تمام شرعي مسئلن کي سامهون رکندي اَدائيگي ڪيو ۽ نفلي صَدقات جو به ذِهن بڻايو جو صَدَقو الله تَعاليٰ کي گھڻو پسند آهي ۽ آفتن ۽ بَلائن کي ٽارڻ سان گڏوگڏ غريبن مِسڪينن جي گھڻين ئي ضَرورتن جي پُوري ٿيڻ جو سبب آهي۔ اچو! سَخاوت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ سَخاوت جي فضائل تي 3 فرمانِ مُصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا

1.    اَلْجَــنَّةُ دَارُالْاَسْخِیَآء يعني جنَّت سخين جو گھر آهي۔ ([1])

2.    سخي الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو آهي، جنَّت جي ويجھو آهي ماڻهن جي ويجھو آهي، باھ کان پري آهي ۽ ڪنجوس الله عَزَّوَجَلَّ کان پري آهي، جنَّت کان پري آهي، ماڻهن کان پري آهي، باھ جي ويجھو آهي ۽ جاهل سخي،الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو بخيل عالِم کان بهتر آهي۔ ([2])

3.    اي انسان! جيڪڏهن توهان بچيل مال خرچ ڪيو ته توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن ان کي روڪي رکيو ته توهان جي لاءِ برو آهي ۽ بَقَدْرِ ضرورت پاڻ وٽ رکي وٺو ته توهان تي ملامت ناهي ۽ ڏيڻ ۾ پنهنجي عيال کان اِبْتدا ڪيو ۽ مٿيو هٿ هيٺين هٿ کان بهتر آهي۔   (صحيح مسلم: ڪتاب الزڪاة، الحديث:۱۰۳۶،ص۵۱۶)

 



[1]فردوس الاخبار،۱/ ۳۳۳،حدیث :۲۴۳۰

[2]سنن الترمذی ، کتاب البروالصلة ، باب ماجاء فی السخاء،۳/ ۳۸۷ ،حدیث :۱۹۶۸