Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نِڪاح جو سبب

محبوبِ خدا،احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان حضرت سيدَتُنا خديجه  رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي نِڪاح جو هڪ سبب پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شام جو سفر هو جو جڏهن حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پنهنجي غلام ميسره جي زباني پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون پيغمبرانه صفتون ٻڌيون ۽ سندن پاڻ به ملائڪن کي حضور ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڇانوَ ڪندي ڏٺو ته اهي ڳالهيون سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نِڪاح ڪرڻ ۾ رغبت جو سبب بڻيون۔ ۽ اهو به مروي آهي ته خواتينِ قُريش جي هڪ عيد ٿيندي هئي جنهن ۾ اُهي بَيتُ الله شريف ۾ گڏ ٿينديون هيون۔ هڪ ڏينهن انهيءَ سلسلي ۾ اهي گڏ هيون ته ملڪِ شام جو هڪ شخص آيو ۽ انهن کي پُڪاري چيائين: اي گروه قُرَيش جون عورتون! عنقريب توهان ۾ هڪ نبي ظاهر ٿيندو جنهن کي احمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) چيو ويندو، توهان مان جيڪا عورت به ان جي گھرواري بڻجڻ جو شرف حاصل ڪري سگھي ٿي ته اهو ائين ضرور ڪري۔ اهو ٻڌي عورتن ان کي پٿر ۽ پٿريون هنيون گھڻو برو ڀلو چيو ۽ نهايت بد ڪلامي ڪئي پر حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا خاموشي اختيار ڪئي ۽ هن ڳالھ کي پنهنجي ذِهن ۾ محفوظ ڪري ورتو۔ ان کان پوءِ جڏهن ميسره سندن کي اهي نِشانيون ٻڌايون، جيڪي اُنهن ڏٺيون هيون ۽ پاڻ به جيڪو ڪجھ ڏٺو ان ڪري سندن ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته جيڪڏهن ان شخص سچ چيو ته اها شخصيت هيءَ ئي ٿي سگھي ٿي. ([1])

 



[1]...سبل الهدى و الرشاد، ٢/۱۶۴.