Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي شانِ فقاهت!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن رِوايت مان حضرت سَيدتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي دِيني مَسائل بابت معلومات ۽ علمي قابليت معلوم ٿي ڇوته پاڻ      رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا الله عَزَّوَجَلَّ جي سلام جي جواب ۾ ان طرح نه چيو: ”عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام يعني اُن تي سلامتي هجي۔ ڇوته پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پنهنجي بي مِثَال فهم وفِراست سان اها ڳالھ سمجھي ورتي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي سلام جو جواب هن طرح نه ڏنو ويندو ، جيئن مخلوق کي ڏنو ويندو آهي، سَلام ته الله تَعاليٰ  جي نالن مان هڪ نالو آهي ۽ هنن لفظن جي ذريعي مُخاطب کي سلامتي جي دعا ڏني ويندي آهي جيئن پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا الله عَزَّوَجَلَّ جي سلام جي جواب ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي حمد وثنا بيان ڪئي، پوءِ جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ۽ پوءِ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ سلام جو جواب عَرْض ڪيو۔ هن مان معلوم ٿيو ته سلام موڪلڻ وارڻ سان گڏوگڏ سلام پهچائڻ واري کي به سلام جو جواب ڏيڻ گھرجي۔([1])

جيڪڏهن ڪو ڪنهن جو سلام آڻي ته...؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! (جڏهن ڪو ڪنهن جو سلام پهچائي ته ان جو) جواب ائين ڏيڻ گھرجي جو پهريان ان پهچائڻ واري کي سلامتي جي دُعا ڏني وڃي پوءِ ان کي جنهن سلام موڪليو آهي، يعني ائين چوي: عَلَیْکَ وَعَلَیْہِ السَّلَام ([2]) الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عِلْمِ دِين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي اسان جي لاءِ عِلمِ دِين



[1]... فتح الباری، كتاب مناقب الانصار، باب تزويج النبى صلى الله عليه وسلم...الخ، ٨/١١٧، تحت الحديث:٣٨٢٠، ملتقطاً.

[2]...بہارِ شریعت، حصہ۱۶، ۳/۴۶۳.