Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

کوئی تکلیف اس میں نہ شور و شغب

مَنْزِلٌ مِّنْ قَصَبْ لَا نَصَبْ لَا صَخَبْ

ایسے  کوشک کی  زِینت  پہ  لاکھوں  سلام([1])

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هنن شعرن ۾ حضرت خديجة الڪبري رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي شان وعظمت کي بيان ڪيو ويو آهي پاڻ کي عرشِ حق تان الله عَزَّوَجَلَّ جو سلام آيو۔ ائين ته حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي به حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پنهنجي طرفان سلام پيش ڪيو جيڪا وڏي فضيلت جي ڳالھ آهي پر حضرت خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام نه صرف پنهنجو بلڪ الله عَزَّوَجَلَّ جو به سلام پهچايو ته پوءِ اسان ڇو نه ان امن۽ سلامتي جي پيڪر تي لکين سلام موڪليون۔

شعر جي مختصروضاحت (شعرنمبر2):

اعلي حضرت ٻئي شعر ۾ بخاري و مسلم شريف جي اُنهيءَ حديث جي لفظن ڏانهن اشارو فرمايو آهي ته جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام حاضرِ خدمت ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يا رَسُوْلَ الله! صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي الله تعاليٰ جو ۽ منهنجو سلام ڏيو ۽ انهن کي جنّت ۾ اهڙي گھر جي خوشخبري ٻڌايو جيڪو موتين سان ٺهيل آهي نه اتي ڪا تڪليف هوندي نه ئي ڪو شور۔ جڏهن حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي الله تعاليٰ جو سلام پهچايو ته انهن عرض ڪيو! الله عَزَّوَجَلَّ ته پاڻ سلام آهي ۽ سلامتي اُن جي طرفان آهي ۽ جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تي به سلام هجي۔

(صحيح البخاري،٢/٥٦٥، الحديث: ٣٨٢٠،ماخوذاً)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1]...برہانِ رحمت، ص۴۹.