Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

بَرَڪت وارو نڪاح!

اُمُّ المؤمنين حضرت سيدَتُناعائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته نُور جي پيڪر، سڀني نبين جي سَرْوَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو:'' وڏي برڪت وارو نڪاح اهو آهي جنهن ۾ بَوجھ گھٽ هجي۔''

(مُسند احمد ،الحديث ۲۴۵۸۳ج۹،ص۳۶۵)

 حڪيمُ الاُمَّت حضرت علامه مولانا مفتي احمديارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: ''يعني جنهن نڪاح ۾ فريقين جو خرچ گھٽ ڪرايو وڃي، مهر به معمولي هجي، ڏاج گھڻو نه هجي، ڪو به قرضي نه ٿي وڃي، ڪنهن طرف کان ڪا سخت شرط نه هجي، الله (عَزَّوَجَلَّ) جي تَوڪل تي ڇوڪري ڏني وڃي اهو نڪاح وڏو ئي بابرڪت آهي ۽ اهڙي شادي خانه آبادي آهي۔  (مرأة المناجيح ،ج۵ ،ص۱۱)

شادیوں میں مَت گُنَہ نادان کر

خانہ بربادی کا مَت سامان کر

سادَگی شادی میں ہو سادہ جہیز

جیسا بی بی فاطمہ کا تھا جہیز

چھوڑ دے سارے غَلَط رَسم و رواج

سنَّتوں   پہ   چلنے   کا   کر   عَہْد  آج([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1]... وسائل بخشش، ص٦٧٠.