Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ  ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:

      (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

    * نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب!  اُذکُرُالله  ,  تُوبُوا  اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قريش جي هڪ باڪردار خاتون:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان هفتيوار اجتماع جي برڪت سان جنهن عظيم هستي جو ذِڪرِ خَير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين اها ڪا عام شخصيت نه، بلڪ امهات المومنين حضرتِ سَيِّدَتُنا خَديجَةُ الڪُبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا آهن جيڪي مومنين جي ماءُ، پياري آقا،حبيبِ