Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ارڙهن (113118) مدَني مُنّا ۽ مدَني مُنّيون حِفْظ و ناظره جي مُفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔ مدني چينل جيڪو بي شُمار مسلمانن جي اِصْلاح ۽ ڪافرن جي قَبولِ اسلام جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ ان جي ذريعي لکين عاشقانِ رسول عِلْمِ دِين سان مالا مال ٿي رهيا آهن، مدني چينل تي رَمَضانُ الْمُبارَڪ ۾ بعدِ عصر ۽ بعدِ تراويح روزانو 2 دفعا ۽ رَمضان کان علاوه هفتي ۾ هڪ دفعو مدني مذاڪرو براه راست(Live) نشر ڪيو ويندو آهي۔ 12 دارُالافتاء اهلسنّت، المدينة العلميه، مجلسِ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطاريه جنهن کان ماهوار لکين مسلمان مُستَفِيض ٿي رهيا آهن ان جي علاوه مدَني مراڪز (فيضانِ مدينهٻين مسجدن جي تعميرات و انتظامات، مدَني تَرْبِيت گاهون، مختلف تربيتي ڪورسز (مثلاً فرض عُلُوم ڪورس، امامت ڪورس، مدرس ڪورس، مدني تربيتي ڪورس، مدَني انعامات و مدني قافله ڪورس، قفلِ مدينه ڪورس، فيضانِ اسلام ڪورس، فيضانِ قرآن وحديث ڪورس، 12روزه مدني ڪورس وغيره)،اهڙي طرح هفتيوار اجتماع، وڏي راتن (مثال طور شبِ ميلاد، يارهين شريف،شبِ معراج، شبِ براءت ۽ شبِ قدر وغيره) جا اجتماع، سڄي رمضان جا يا آخري عشري جو اجتماعي اعتڪاف مطلب ته هي ته مُنَـظَّم طريقي سان مدَني ڪمن کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت تقريباً 103شعبڻ جي لاءِ وڏي رقم دَرڪار هوندي آهي۔ اوهان به وڌ کان وڌ مدني عطيات جمع ڪيو ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد