Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

سگھي۔ (مسند امام احمد، مسند الانصار، حديث ابي امامة الباهلي، ۸/۲۷۶، الحديث: ۲۲۲۳۲) جڏهن ته مُنافق اَمانت ۾ خيانت ڪندو آهي جيئن ته فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: مُنافِق جون 3 نشانيون آهن: جڏهن ڳالھ ڪري ڪوڙ ڳالهائي، جڏهن وعدو ڪري ته خِلاف ڪري ۽ جڏهن ان وٽ اَمانت رکي وڃي ته خيانت ڪري۔

(صَحيح بُخاري ج١ ص٢٤حديث٣٣ ،غيبت ڪي تباه ڪارياں ص٤٦٣)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته خيانت ڪيتري قدر بُرو فعل آهي ۽ مومن هن کان پري رهندو آهي ۽ مُنافق هن جو اِرتِڪاب ڪندو آهي۔ ياد رهي! جهڙي طرح روپين، پيسن ۽ مال و سامان جي اَمانتن ۾ خيانت حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي اهڙي طرح پنهنجي ڳالهين، ڪمن ۽ عهد بابت امانتن ۾ به خيانت ڪرڻ حرام آهي۔ مثال طور ڪنهن اسان کي ڪا راز جي ڳالهه ٻڌائي ۽ ان جو انداز اهڙو هو جو ڪنهن کي نه ٻڌائي وڃي يا چئي ڇڏي ته اها اوهان وٽ اَمانت آهي ڪنهن ٻئي سان Share نه ڪجو (يعني ڪنهن ٻئي کي ان ۾ شامل نه ڪجو)۔ هاڻي جيڪڏهن اسان اها ڳالھ ڪنهن ٻئي کي ٻڌائي ته اسان خيانت ڪرڻ وارا ٿياسين۔ اهڙي طرح مَزدُور يا مُلازم وغيره کي ڊيوٽي جي وقتن ۾ جيڪو ڪم حوالي ڪيو ويو اهو ان جي لاءِ اَمانت آهي جيڪڏهن اهو ان ڪم کي ڄاڻي واڻي بگاڙي يا ان وقت ۾ گھٽ ڪم ڪري ته اهي به امانت ۾ خيانت جا مُرتڪب ٿيا۔ اِهڙي طرح حاڪم جي اها ذِميداري آهي ته هو پنهنجي رِعايا جي نگراني ۽ انهن جي خبر گيري ڪندو رهي ۽ عدل و اِنصاف قائم رکي۔ جيڪڏهن ان پنهنجي عُهدي وارين ذِمّيدارين کي پُورو ناهي ڪندو ته اهو خائن شمار ٿيندو۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي اَمانت ۾ خيانت کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔      اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد