Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

فرمائي ورتو، حضرتِ سيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پنهنجي غُلام مَيسَره کي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ موڪليو ۽ اها تاڪيد ڪئي ته ڪنهن ڳالھ ۾ سندن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نافرماني نه ڪري ۽ نه ئي سندن راءِ سان اِخْتِلاف ڪري۔ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي هن تجارت ۾ ايتري قدر برڪت ۽ نفعو عطا فرمايو جو پهريان ڪڏهن نه ٿيو هو، ان ڪري ايترو گھڻو نفعو ڏسي حضرت سيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي غلام مَيـسَره چيو: اي مُحَمَّد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون ايترو وڌيڪ نفعو ڪڏهن نه ڏٺو جيڪو اوهان جي ڪري ٿيو آهي۔ خريد وفروخت مان فارِغ ٿي قافلي وارن واپسي جي لاءِ سفر شُروع ڪيو۔ سفر دوران مَيـسَره ڏٺو ته جڏهن منجهند ٿئي ٿي ۽ گرمي جي شِدّت وڌي ويندي آهي ته ٻه (2) ملائڪ سج کان بچاؤ جي لاءِ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڇانوَ ڪندا آهن۔ الله عَزَّوَجَلَّ مَيـسَره جي دل ۾ رسولِ ڪريم، رَءُوْفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت پيدا فرمائي، ان ڪري اهو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رُوبرو ائين هوندا هئا جو ڄڻ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جا غُلام آهن۔ جڏهن رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرتِ خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وٽ پهتا ۽ انهن کي واپار ۾ ٿيڻ واري نفعي جي باري ۾ ٻڌايو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا ان تي گھڻو خوش ٿيون ۽ واپار ۾ اڳوڻن سالن جي مقابلي ۾ تمام گھڻو نفعو ڏٺو ته طي ٿيل مِقْدار کان به ٻيڻو مال پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ پيش ڪري ڇڏيو۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم واپار واري مال کي ڪهڙي طرح دِيانتداري سان وڪڻيو ۽



[1]...سبل الھدی والرشاد،الباب الثالث عشر في سفره مرة...الخ،٢/١٥٨،١٥٩,١٦٠بتقدم وتأخر.