Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي غمگسار، حضرت فاطِمَةالزَهرَا ۽ ٻين شهزادن ۽ شهزادين جي والده ۽ امام حسن وامام حسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جي ناني هئي۔ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وڏي پيماني تي واپار ڪنديون هيون۔ هر واپاري جيان پاڻ      رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي به اهڙي ذِي شُعُور، هوشيار، باصَلاحيت ۽ سليقي واري ماڻهو جي ضرورت رهندي هئي جيڪو امين ۽ ديانت دار هجي۔ هوڏانهن سرڪارِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حُسنِ اَخلاق، سچائي، ايمان داري ۽ دِيانت داري جي شهرت هر خاص وعام جي زبان تي هئي، پاڻ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي غير معمولي اَخلاقي ۽ مُعَاشَرتي وصفن جي ڪري اَخلاقي پَستي واري انهيءَ دَؤرِ جاهليت ۾ به اَمين جي نالي سان پڪاريا ويندا هئا۔ حضرتِ سَيدَتُنا خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا تائين به جيتوڻيڪ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هنن بهترين صِفتن جي شهرت پهچي چڪي هئي ۽ اهي ان ڪري حُضُورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجو سامان ڏئي واپاري قافلي سان گڏ روانو به ڪرڻ چاهيندي هئي پر اهو خيال ڪري ته خبر ناهي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي قَبول فرمائيندا به يا نه، پنهنجو اِرادو ترڪ ڪري ڇڏيندي هئي، وقت گذرندو رهيو ايستائين جو رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِعلانِ نبوت کان تقريباً 15 سال پهرين جو وقت هو۔ گُذريل سالن جيان هن سال به عرب وارن جو واپاري قافلو ملڪ شام جي سفر تي وڃڻ جي لاءِ تيار هو۔ (فيضان خديجة الڪبري ص۵،۶،۸) حضرت خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن پيغام موڪليو ته مون کي اوهان جي سچائي، امانت داري ۽ چڱن اَخلاقن جي خبر آهي، جيڪڏهن اوهان منهنجي مال کي واپار جي لاءِ کڻي وڃڻ جي پيشڪش قبول فرمايو ته مان اوهان کي ان جو ٻيڻو مُعاوَضو ڏيندس، جيڪا اوهان جي قوم جي ٻين ماڻهن کي ڏيندي آهيان۔ رَسُوْلُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي قَبول