Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

پري ڪري ڇڏيندو هو۔([1])

هڪ انمول مَدَني پُھول

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمُّ المؤمنين حضرتِ سيدَتُناخديجة الڪبريٰ    رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو اهڙن نازڪ حالات ۾ عزم و اِسْتقلال سان خطرا ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻ سندس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کي ٻين اَزواجِ مُطهرات رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُنَّ کان مُمتاز ڪري ڇڏي ٿو۔ ۽ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي هن حَياتِ طَيبَه مان اسان کي اهو انمول مَدَني گل چونڊڻ جي لاءِ مليو ته چاهي ڪهڙا به ڏکيا حالات هجن، ڪهڙي به مُشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي، الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري کان هرگز پاسو نه ڪرڻ گھرجي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي کڻي آيل پياري دين ”اِسلام“ جي خاطِر مالي ۽ جاني ڪنهن به قسم جي قُرباني کان پاسو نه ڪرڻ گھرجي۔

تیرے   نام   پر   سر  کو  قُربان  کر   کے

تیرے   سر  سے  صدقہ  اُتارا  کروں  میں

یہ  اک  جان  کیا  ہے  اگر  ہوں  کروڑوں

تیرے         نام       پر              سب           کو              وارا          کروں         میں ([2])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اهو مدني گل به مليو ته عورت کي تنگدستي ۽ خُوشحالي هر حال ۾ پنهنجي مڙس جو ساٿ ڏيڻ گھرجي



[1]...السيرة النبوية لابن اسحاق، تحديد ليلة القدر، ١/١٧٦.

[2]...سامانِ بخشش، ص۱۰۲.