Book Name:Faizan e Khadija tul Kubra

قدم قدم حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اُمُّ الْمُومنين حضرت سَيدَتُناخديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا گھڻي مالدار عورت هيون، جيڪڏهن پاڻ چاهين ها ته خُوب آرام ۽ سُڪون سان پنهنجي زندگي جا ڏينهن گذاري سگھن ها پر پاڻ پنهنجي سرتاج، صاحب معراج صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خاطِر شاهانه انداز کي ڇڏي پنهنجي سڄي زندگي حضور پر نُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت، تڪليفون ۽ مُصِيبتون برداشت ڪندي گُذاري ڇڏي، جيڪا سندن رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي پياري آقا،حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مَحَبَّت جو واضح دليل آهي، جڏهن سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان اِعْلانِ نبوت فرمايو ۽ خُدا جي مخلوق کي صرف هڪ معبودِ حقيقي جي عِبادت ڏانهن سڏيو ته پاڻ       صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعوتِ اسلام کي قبول ڪرڻ جي بدران سندن          صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي مَصيبتن ۽ تڪليفن جو زور وڌندو ويو، راھ ۾ ڪنڊا اڇلايا ويا، اهڙي نازڪ ۽ ڏکئي مرحلي ۾ جن هستين حق جي پُڪار تي لبيڪ چوندي سڀ کان پهريان سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعوت قبول ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي ان ۾ هڪ نمايان نالو حضرتِ سيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جو آهي۔ پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا پروانن وانگر پاڻ ڪريم       صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي فدا ٿينديون رهيون ۽ هرمشڪل ۾حضور ڪريم        صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ساٿ ڏنو، حضرتِ سيدنا علّامه محمد بن اسحاق مَدَني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته سيدِ عالَم، نُورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن به ڪافرن جي طرفان پنهنجي دل ڏکوئيندڙ ڪا ناپسنديده ڳالھ ٻڌي غمگين ٿيندا هئا ته ان کان پوءِ حضرتِ خديجه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وٽ ايندا هئا ته انهن جي ذريعي الله عَزَّوَجَلَّ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ان رَنج وغم جي ڪيفيت