Book Name:Maut kay Qasid

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اسان کي بيماري ۾ به پنهنجي موت کي نه وسارڻ گھرجي ۽ شڪوي شڪايات ڪرڻ بدران بيماري کي رحمت جو سبب ۽ گُناهن جي ڪفاري جو سبب سمجھڻ گھرجي ڇوته ڪجھ معمولي بيماريون مُوذي مرضن کان بچاؤ جو ذريعو هونديون آهن۔ حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: زُڪام بيماري نه آهي بلڪ دِماغي بيمارين جو علاج، ان سان ڪيئي مَرض ختم ٿي ويندا آهن۔ زُڪام واري کي ديوانگي ۽ جُنون ناهي ٿيندو جنهن کي ڪڏهن خارِش ٿئي اُن کي جُذام ۽ ڪوڙھ ناهي ٿيندو، زُڪام ۽ خارش ۾ رَبّ تعاليٰ جون گھڻيون ئي حڪمتون آهن۔ (مراة المناجيح،ج۶،ص۳۹۵)

فقيه ملت مُفتي جلالُ الدِّين امجدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا : ’’بيماري کان بظاهر تڪليف پهچندي آهي پر حقيقت ۾ اها تمام وڏي نعمت آهي جنهن سان مومن کي اَبَدي راحت ۽ آرام جو وڏو ذَخيرو هٿ ايندو آهي۔‘‘ اها ظاهري بيماري حقيقت ۾ رُوحاني بيمارين جو وڏو زبردست علاج آهي شرط اهو آهي جو انسان مومن هجي ۽ سخت کان سخت بيماري ۾ صَبر و شڪر کان ڪم وٺي، جيڪڏهن صبر نه ڪيو بلڪ روڄ راڙو ڪيو ته بيماري کان ڪو معنوي فائده نه پهچندو يعني ثواب کان محروم رهندو آهي۔ ڪجھ نادان بيماري ۾ نهايت فضول جملا چوڻ لڳندا آهن ۽ ڪجھ ربّ تعاليٰ ڏانهن ظُلم جي نسبت ڪري ڪفر تائين پهچي ويندا آهن، اها انهن جي اِنْتهائي شَقاوت (بد بختي) ۽ دُنيا ۽ آخرت جي هلاڪت جو سبب آهي۔ وَالْعِياذُ بِاللّٰه تَعَاليٰ۔

 (انوار الحديث ،ص١٩٧)