Book Name:Maut kay Qasid

لڳايو جو جيڪڏهن ڪنهن جي ڪارن وارن کان پوءِ اڇا وار ٿيڻ لڳندا آهن ته اهو ماڻهو پنهنجي دل کي آٿت ڏيندي چوندو آهي ته هي ته نزلي جي ڪري وار اڇا ٿيا آهن، يا فڪرن ۽ پريشانين مون کي پوڙهو ڪيو آهي نه ته اڃا منهنجي عمر ئي ڇا آهي؟ اهڙيءَ طرح بيماري جيڪا موت جو واضح قاصد آهي پر ان ۾ به سراسر غفلت ڪئي ويندي آهي حالانڪ ”بيماري“ جي ئي سبب روزانو بيشمار ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا آهن! مريض کي ته وڌيڪ موت ياد اچڻ گھرجي ته ڪهڙي خبر جيڪا بيماري معمولي لڳي ٿي سا موتمار صورت اختيار ڪري، اک ڇنڀ ۾ موت جي منهن ۾ اُڇلائي ڇڏي، پوءِ مِٽ مائٽ روئن پِٽن، دشمن خوشيون ملهائن ۽ موت کان غافل مرڻ وارو مريض مٽيءَ جي مڻن هيٺان اونداهي قبر ۾ وڃيو ڪِري! هاڻي هڪ مرڻ وارو هوندو ۽ ٻيا اُن جا چڱا يا بُرا عمل۔ يقيناً اسان کي معلوم ناهي ته اڄ جو ڏينهن اسان جي زِندگي جو آخري ڏينهن يا ايندڙ رات اسان جي زِندگي جي آخري رات هجي، بلڪ اسان وٽ ته هن ڳالھ جي به ضَمانت ناهي جو اسان هڪ کان پوءِ ٻيو ساھ کڻي به سگھنداسين يا نه؟ ممڪن آهي جو جيڪو ساھ اسان کڻي رهيا آهيون اهو ئي آخري هجي ٻيو ساھ کڻڻ جي نوبت ئي نه اچي! هر ايندڙ ڏينهن اهي خبرون اسان کي ٻڌڻ جي لاءِ ملنديون آهن ته فُلاڻو شخص بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو، بظاهر ان کي ڪو مَرض به نه هو، پر اوچتو هارٽ فيل ٿيڻ جي ڪري ڪجھ ئي لمحن ۾ موت جي آغوش ۾ هليو ويو، ان ڪري