Share this link via
Personality Websites!
ڏينهن ان جون عبادتون اهي ماڻهو کڻي ويندا جنهن کي هن ناحق نقصان پهچايو هوندو، يا بلا اجازت شرعي ڪنهن به طرح ان جي دل آزاري جو سبب بڻيو هوندو، نيڪيون ڏيڻ جي باوجود حق باقي رهڻ جي صورت ۾ انهن جا گناهه هن “نيڪ نمازي” جي ذمي لڳايا ويندا ۽ ائين ٻين جي حق تلفي ڪرڻ جي سبب حاجي، نمازي، روزيدار، تهجد گذار هجڻ جي باوجود اهو جهنم ۾ داخل ڪيو ويندو!
آه! مِيزاں پہ کھڑا ہوں شافعِ محشر کرم!
نيکياں پلّے نہيں ہيں بس گناہوں کا ہے ڈھير
(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص234)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اهڙا ماڻهو جيڪي ماڻهن جي حقن جي بلڪل به پرواھ ناهن ڪندا انهن کي امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي هن واقعي مان به نصيحت جا مدني گل حاصل ڪرڻ گھرجن۔ جيئن حضرت مِسْعَر بن ڪدام رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان امامِ اعظم سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته بي خيالي ۾ امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو مُبارَڪ پير هڪ ڇوڪري جي پَير تي پئجي ويو، ڇوڪري دانهن ڪئي ۽ اُن جي واتان بي اختيار (اهو جملو) نڪتو: يا شَيخ!اَلَا تَخَافُ الْقِصَاصَ يوْمَ الْقِيامَۃِ! جناب! ڇا اوهان قِيامت جي ڏينهن ورتو ويندڙ انتِقامِ خُداوندي کان نٿا ڊڄو؟‘‘ اهو ٻڌي امام اعظم تي خوف طاري ٿي ويو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami