Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

احاديثِ مُبارڪه ۽ تقويٰ جي اهميت:

اچو! تقويٰ جي فضيلت تي ٻه (2) فرمانِ مصطفيٰ به ٻڌون ٿا:

·        توهان جو رَب عَزَّ وَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: ان ڳالھ جو مُسْتَحِق مان ئي آهيان جو مون کي خوف ڪيو وڃي ۽ جيڪو مون کان خوف ڪندو ته منهنجو شان اهو آهي جو مان ان کي بخشي ڇڏيندس۔ (دارمي، ڪتاب الرقاق، باب في تقوي الله، ۲/۳۹۲، الحديث: ۲۷۲۴)

  • علم جي فضيلت عبادت جي فضيلت کان وڌيڪ آهي ۽ توهان جي دين جو بهترين عمل تقويٰ (پرهيزگاري) آهي۔ (طبراني اوسط،من اسمه علي ٣/٩٢حديث:٣٩٦٠)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً تقويٰ وپرهيزگاري اختيار ڪرڻ ۾ اسان جي دُنيا وآخرت جو فائدو ئي فائدو آهي۔اچو! هن عظيم نعمت کي حاصل ڪرڻ جا ڪجھ طريقا اوهان کي ٻڌايان ٿو۔

تقويٰ ڪيئن حاصل ٿيندو؟.

(1)    اسان کي گھرجي ته الله عَزَّ وَجَلَّ جي عذابن، ان جي قهر وجلال ان جي قدرت وبي نيازي کي ذهن ۾ رکون ۽ پنهنجي عاجزي، بي ڪسي ۽ ناتواني کي به هرگز نه وساريون۔ يقيناً جيڪو شَخْص الله عَزَّ وَجَلَّ کي مختار ۽ قادرِ مُطلق مڃندو هجي اهو هي به سمجھندو هجي ته منهنجي گُناهن جي سبب قيامت جي ڏينهن مون کي ان جي سزا ملندي، ته هاڻي .