Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سينہ تری سُنَّت کا مدينہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مسواڪ جون سنّتون ۽ آداب

اچو! شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مَدني گل‘‘ مان مسواڪ جون سنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔

پهريان ٻه فرمانِ مصطَفٰي صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظه ڪيو: * ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن۔([2]) * مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي۔([3]) * حضرت سيدنا اِبن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي

 



[1] مشکاة الصابيح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵

[2]اَلتَّرغِیب وَالتَّرہِیب ،کتاب الطہارۃ،الترغیب فی السواک …الخ،۱/۱۲۷،حدیث:۳۳۷

[3]مُسندِ احمد ،مسند عبداللہ بن عمربن الخطاب، ۲ /۴۳۸،حدیث:۵۸۶۹