Share this link via
Personality Websites!
جاري رکون ته ان جي برڪت سان اسان جي دل ۾ گُناهن کان نفرت ۽ نيڪين جي مَحَبَّت وڌي ويندي۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ
| دے حُسنِ اَخْلاق کی دَولت |
| کر دے عَطا اِخْلَاص کی نِعمت |
| مجھ کو خزانہ دے تقویٰ کا |
| ياالله میری جھولی بھر دے! |
(وسائلِ بخشش مُرمّم:۱۲۳)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرتِ سَيدُنا امامِ اعظم ابُوحنيفه
رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه پنهنجي سڄي زندگي تقويٰ شِعاري ۾ گذر ڪئي، الله عَزَّوَجَلَّ جو خوف پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جي نَس نَس ۾ سَمايل هو، پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه تقوي جي ڪري ڪيئي شبهن وارين شين کان به بچندا هئا، منقول آهي هڪ ڀيري ڪوفي ۾ ڪجھ ٻڪريون چوري ٿي ويون ته پاڻ ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ٻڪري وڌ کان وڌ ڪيترن سالن تائين زندھ رهندي آهي۔ ماڻهن ٻڌايو، ستن سالن تائين، ته پاڻ ستن سالن تائين ٻڪري جو گوشت نه کاڌو۔ (ته ڪٿي چوري جي ٻڪري جو گوشت منهنجي پيٽ ۾ نه هليو وڃي) انهن ڏينهن ۾ پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هڪ فوجي کي ڏٺو جو ان ٻڪري جو گوشت کائي ان مان بچيل حصّو ڪوفي جي نهر ۾ اڇلائي ڇڏيو ته پاڻ مڇي جي طبعي عُمر جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي ۽ پوءِ ايترن سالن تائين مڇي جو گوشت کائڻ کان پرهيز ڪيو۔ (الخيرات الحسان، ۶۰)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami