Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه سوچيو ته مون جيڪڏهن ان مال کي واپس ڪيان ٿو ته خليفي کي بُرو لڳندو ۽ مان ان کي پاڻ وٽ رکندس ته اهو مون کي ناپسند آهي۔ آخرڪار مون سان مشوره ڪيو، مون چيو ته اهو مال خليفي جي نگاھ ۾ تمام گھڻو آهي، جڏهن اهو ڏيڻ جي لاءِ اوهان کي سڏيو وڃي ته پاڻ فرمائي ڇڏجو: ”مون کي اميرُ المُوْمنين کان اهڙي اميد نه ھئي۔“ پوءِ جڏهن امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه کي ڏھ هزار درهم ڏيڻ جي لاءِ سڏيو ويو، ته پاڻ رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه اهو ئي جملو اِرْشاد فرمايو، جڏهن منصور کي اها خبر ملي ته امامِ اعظم رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ائين چيو آهي ته (خليفي ايتري وڏي رقم کي حقير سمجھي ٺڪرائڻ جي ڪري امام اعظم کي دنياوي مال جو متوالو سمجھيو ۽) ان امام اعظم کي اهي پيسا نه ڏنا۔ (الخيرات الحسان،الفصل الخامس والعشرون، ص:۸۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان واقعي مان معلوم ٿيو ته امام اعظم ابُوحنيفه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه مالدارن طرفان مال حاصل ڪرڻ جا خواهشمند ۽ حريص بلڪل نه هئا ان ڪري ته خليفي جي طرفان تحفي طور ملڻ وارا درهم واپس موٽائي ڏنا۔

مال دارن کان پري رهڻ بهتر آهي!

شيخِ طريقت،اَمِيرِاهلسنَّت حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه مالدارن کان پري رهڻ جي نصيحت ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: اَربابِ اِقْتِدار ۽ سرمايه دار ماڻهن کان پري رهڻ ۾ ئي عافيت آهي۔ انهن جون دعوتون کائڻ ۽ انهن جا تحفا قبول ڪرڻ ۾ آخِرت جي لاءِ شدِيد خطرا آهن، ڇوته انهن جون دعوتون