Book Name:Imam e Azam ka Taqwa

ذريعي علمِ دين جو فيضان عام ٿيندو آهي پوءِ شَجْره قادريه، رضويه، ضيائيه، عطاريه پڙھيو ويندو آهي، جنهن ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ۽ بَرگُزيده ٻانهن جو ذڪر ٿيندو آهي، اهڙي طرح نيڪن جي تذڪري جون برڪتون ماڻڻ جي سعادت ملندي آهي، حضرتِ سُفيان بن عُيينَه رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو فرمان آهي: ”عِنْدَذِکرِالصَّالِحِينَ تَنْزِلُ الرَّحْمَۃُ“ يعني نيڪ ماڻهن جي تذڪري مهل رَحمت نازل ٿيندي آهي۔ (حِليۃُ الاولياء، رقم ۱۰۷۵۰، ج ۷ ، ص۳۳۵) آخر ۾ اِشراق و چاشت جي نفلن تي مدني حلقي جو اِختتام ٿيندو آهي۔ مَدَني حلقي ۾ جيڪو شجرو شريف پڙھيو ويندو آهي، ان جي برڪتن جي به ڇا ڳالھ آهي، ان کي روزانو پڙھڻ سان مشڪلون آسان ٿينديون آهن، ذِهني سُڪون نصيب ٿيندو آهي ۽ بيماريون به ختم ٿينديون آهن، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

شجري شريف جون برڪتون

هڪ اسلامي ڀاءُ جي تحرير جو خُلاصو آهي ته تقريباً پوئين 4 سالن کان مان مٿي جي سور جي مَرَض ۾ مبُتلا هئس جيڪو ڪنهن صُورت ختم ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو، ڪافي علاج مُعالجو ڪرايو پر ان باوُجُود فرق نه ٿيو۔ انهيءَ دَرد مان ڇوٽڪاري جي صُورت ائين بڻي جو هڪ ڏينهن خوش قسمتي سان شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت
دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل ورد ۽ وظيفن تي مُشتمل قادريه رضويه عطاريه سِلسلي جو شجرو شريف مون کي مليو ته برڪت حاصل ڪرڻ جي نِيت سان ان ۾ مَوْجُود شجرو شريف پڙھڻ لڳس، انهيءَ دوران مون محسوس ڪيو ته ان جي برڪت سان منهنجي مٿي جي سور ۾